هڪ منصفاڻي ۽ شفاف ٽيڪس نظام کانسواءِ ملڪ معاشي ترقي جي راهه تي نه ٿو هلي سگهي: گورنر ڪامران خان ٽيسوري

ڪراچي-29 سيپٽمبر (اي پي پي) سنڌ جي گورنر ڪامران خان ٽيسوري سان فيڊرل بورڊ آف ريونيو (ايف بي آر) جي ان لينڊ ريونيو سروسز اڪيڊمي ۾ تربيت هيٺ 51 هين خصوصي ڪورس جي پروبيشنري آفيسرن گورنر هائوس ۾ ملاقات ڪئي. ان موقعي تي گورنر ڪامران خان ٽيسوري چيو ته پاڪستان کي درپيش سڀ کان وڏو مالياتي چئلينج ناقص ٽيڪس ڪليڪشن آهي. هن چيو ته هڪ منصفاڻي ۽ شفاف ٽيڪس نظام …

ڪراچي-29 سيپٽمبر (اي پي پي) سنڌ جي گورنر ڪامران خان ٽيسوري سان فيڊرل بورڊ آف ريونيو (ايف بي آر) جي ان لينڊ ريونيو سروسز اڪيڊمي ۾ تربيت هيٺ 51 هين خصوصي ڪورس جي پروبيشنري آفيسرن گورنر هائوس ۾ ملاقات ڪئي. ان موقعي تي گورنر ڪامران خان ٽيسوري چيو ته پاڪستان کي درپيش سڀ کان وڏو مالياتي چئلينج ناقص ٽيڪس ڪليڪشن آهي. هن چيو ته هڪ منصفاڻي ۽ شفاف ٽيڪس نظام کانسواءِ ملڪ معاشي ترقي جي راهه تي نه ٿو هلي سگهي. گورنر ان ڳالهه تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو ته لکين ۽ ڪروڙين ڪمائيندڙ پنهنجي آمدني موجب ٽيڪس ادا نه ٿا ڪن، جڏهن ته پگهاردار طبقو سڀ کان وڌيڪ بار کڻي ٿو. هن چيو ته هڪ مضبوط ۽ شفاف نظام قائم ڪرڻ جي ڏس ۾ قومي سطح تي هر فرد کي پنهنجي ذميداري جو احساس هجڻ گهرجي، تڏهن ئي پاڪستان کي ترقي جي راهه تي آڻي سگهجي ٿو.

مزید خبریں