وفاقي محتسب اعجاز احمد قريشيءَ پاران روهڙي جنڪشن ريلوي اسٽيشن تي انتظاميا ۾ سنگين خامين کي اجاگر ڪرڻ بابت نشر ٿيل رپورٽ جو نوٽيس

سکر-29 سيپٽمبر (اي پي پي) پاڪستان ريلوي جي روهڙي جنڪشن ريلوي اسٽيشن تي انتظاميا ۾ سنگين خامين کي اجاگر ڪرڻ بابت اليڪٽرانڪ ميڊيا تي نشر ٿيل تازي رپورٽ جي جواب ۾ وفاقي محتسب اعجاز احمد قريشيءَ صورتحال جو فوري طور تي نوٽيس وٺندي، ٽرينن ۾ سفر ڪندڙ عوام جي خدشن ۽ مسافرن کي درپيش مشڪلاتن جي حقيقتن جو جائزو وٺڻ لاءِ هڪ ٽيم قائم ڪئي آهي. ٽيم ۾ وفاقي محتسب سيڪريٽريٽ جا اعليٰ آفيسر شامل آهن. جاري ڪيل …

سکر-29 سيپٽمبر (اي پي پي) پاڪستان ريلوي جي روهڙي جنڪشن ريلوي اسٽيشن تي انتظاميا ۾ سنگين خامين کي اجاگر ڪرڻ بابت اليڪٽرانڪ ميڊيا تي نشر ٿيل تازي رپورٽ جي جواب ۾ وفاقي محتسب اعجاز احمد قريشيءَ صورتحال جو فوري طور تي نوٽيس وٺندي، ٽرينن ۾ سفر ڪندڙ عوام جي خدشن ۽ مسافرن کي درپيش مشڪلاتن جي حقيقتن جو جائزو وٺڻ لاءِ هڪ ٽيم قائم ڪئي آهي. ٽيم ۾ وفاقي محتسب سيڪريٽريٽ جا اعليٰ آفيسر شامل آهن. جاري ڪيل هدايتن تحت وفاقي محتسب ريجنل آفيس جي ٽيم کي روهڙي جنڪشن جو سائيٽ تي معائنو ڪرڻ ۽ مناسب اصلاحي ڪارروائي لاءِ وفاقي محتسب کي هڪ جامع رپورٽ پيش ڪرڻ جو ڪم سونپيو ويو آهي. هي قدم اهم قومي ادارن ۾ احتساب کي يقيني بڻائڻ ۽ عوامي خدمت جي فراهمي کي بهتر بڻائڻ لاءِ محتسب جي عزم کي ظاهر ڪري ٿو.