ڪراچي-26 سيپٽمبر (اي پي پي) سنڌ جي گورنر ڪامران خان ٽيسوري چيو آهي ته فلسطيني شاگردن جو سنڌ جي يونيورسٽين ۾ تعليم حاصل ڪرڻ اسان لاءِ فخر جي ڳالهه آهي. وزيراعظم پاڪستان ،فيلڊ مارشل عاصم منير ۽ سڄي قوم فلسطين سان گڏ بيٺل آهي. جيڪڏهن ضرورت پئي ته هو فلسطين وڃي وڙهڻ لاءِ تيار آهن هن اها ڳالهه سنڌ جي مختلف يونيورسٽين ۾ تعليم حاصل ڪندڙ فلسطيني شاگردن سان گورنر …
فلسطيني شاگردن جو سنڌ جي يونيورسٽين ۾ تعليم حاصل ڪرڻ اسان لاءِ فخر جي ڳالهه آهي: ڪامران خان ٽيسوري

مزید خبریں
ڪراچي-26 سيپٽمبر (اي پي پي) سنڌ جي گورنر ڪامران خان ٽيسوري چيو آهي ته فلسطيني شاگردن جو سنڌ جي يونيورسٽين ۾ تعليم حاصل ڪرڻ اسان لاءِ فخر جي ڳالهه آهي. وزيراعظم پاڪستان ،فيلڊ مارشل عاصم منير ۽ سڄي قوم فلسطين سان گڏ بيٺل آهي. جيڪڏهن ضرورت پئي ته هو فلسطين وڃي وڙهڻ لاءِ تيار آهن هن اها ڳالهه سنڌ جي مختلف يونيورسٽين ۾ تعليم حاصل ڪندڙ فلسطيني شاگردن سان گورنر هائوس ڪراچي ۾ ملاقات دوران ۽ ان موقعي تي ميڊيا وارن سان ڳالهائيندي چئي. گورنر هائوس مان جاري پريس رليز موجب گورنر سنڌ ڪامران خان ٽيسوري چيو ته اسرائيلي ظلمن تي عالمي برادري جي ماٺ افسوسناڪ آهي. هن چيو ته گڏيل قومن جي ٺهرائن باوجود فلسطين ۾ ظلم جاري آهي، پر ظلم جي باوجود فلسطينين جو حوصلو جس لائق آهي. هن چيو ته جيڪڏهن ضرورت پئي ته هو پاڻ فلسطين وڃي وڙهڻ لاءِ تيار آهي.فلسطيني شاگردن گورنر سنڌ جي فلاحي قدمن جي واکاڻ ڪئي. هنن قائداعظم محمد علي جناح جي تاريخي آفيس جو دورو به ڪيو.









