سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه سان بنگلاديش جي گھرو سيڪريٽري ۽ هاءِ ڪمشنر جي وزير اعليٰ هائوس ۾ ملاقات

ڪراچي -25 سيپٽمبر (اي پي پي) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه سان بنگلاديش جي گھرو سيڪريٽري نسيم الغني ۽ هاءِ ڪمشنر اقبال حسين خان وزير اعليٰ هائوس ۾ ملاقات ڪئي. وڏي وزير جي ترجمان موجب ملاقات دوران هنن ان ڳالهه تي اتفاق ڪيو ته ڪراچي ۽ ڍاڪا ۾ سڌيءَ ريت اڏامن ۽ فيري سروس شروع ڪرڻ جي فوري ضرورت آهي ته جيئن واپار ۽ عوامي لاڳاپن کي …

ڪراچي -25 سيپٽمبر (اي پي پي) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه سان بنگلاديش جي گھرو سيڪريٽري نسيم الغني ۽ هاءِ ڪمشنر اقبال حسين خان وزير اعليٰ هائوس ۾ ملاقات ڪئي. وڏي وزير جي ترجمان موجب ملاقات دوران هنن ان ڳالهه تي اتفاق ڪيو ته ڪراچي ۽ ڍاڪا ۾ سڌيءَ ريت اڏامن ۽ فيري سروس شروع ڪرڻ جي فوري ضرورت آهي ته جيئن واپار ۽ عوامي لاڳاپن کي هٿي ملي سگهي. وڏي وزير مراد علي شاهه چيو ته اهڙا لاڳاپا اقتصادي رشتن کي وڌيڪ مضبوط ڪندا. بنگلاديش جي گھرو سيڪريٽري ياد ڏياريو ته هڪ نجي ڪمپني تازو ئي سڌي شپنگ سروس شروع ڪئي هئي پر اها بعد ۾ بند ٿي وئي. هن وڏي وزير کي درخواست ڪئي ته وفاقي سطح تي ان کي ٻيهر شروع ڪرائڻ لاءِ مدد فراهم ڪئي وڃي. شھري سلامتي جي حوالي سان ڳالھائيندي وڏي وزير چيو ته ڪراچي جنهن کي ڪڏهن دنيا جي خطرناڪ ترين شهرن ۾ شمار ڪيو ويندو هو هاڻي عالمي ڪرائيم انڊيڪس ۾ 85هين نمبر تي اچي ويو آهي جيڪو نمايان سڌارو آهي. وڏي وزير چيو ته ڏوهن تي ضابطو آڻڻ ۽ امن امان بهتر بڻائڻ لاءِ اسان جي ڪوششن نتيجا ڏنا آهن تنهن هوندي به ڪجهه چئلينجز اڃا به موجود آهن جيڪي سيف سٽي منصوبي جي مڪمل فعال ٿيڻ کانپوءِ حل ٿي ويندا. وڏي وزير وفد کي ٻڌايو ته پوليس سربراهه جي آفيس ۾ هڪ ڪمانڊ اينڊ ڪنٽرول سينٽر قائم ڪيل آهي جيڪو مصنوعي ذهانت ذريعي هلندڙ آهي ۽ نمبر پليٽ پڙهڻ سان گڏ مھانڊن کي سڃاڻڻ جي صلاحيت رکي ٿو. بنگلاديش جي گھرو سيڪريٽري نسيم الغني ڪمانڊ اينڊ ڪنٽرول سينٽر جو دورو ڪيو ۽ سنڌ جي تجربي مان فائدو وٺڻ ۾ گهري دلچسپي ظاهر ڪئي. هن چيو ته بنگلاديش پنهنجي سيف سٽي حڪمت عملي لاءِ سنڌ حڪومت کان سهڪار حاصل ڪندو. ملاقات ۾ صوبائي گھرو سيڪريٽري اقبال ميمڻ، آءِ جي سنڌ غلام نبي ميمڻ ۽ وڏي وزير جو سيڪريٽري عبد الرحيم شيخ پڻ موجود هئا.