ڪيميڪل ڀاڻ جي گهڻي استعمال سان سنڌ جي زمين زرخيزي وڃائڻ لڳي

حيدرآباد -24 سيپٽمبر (اي پي پي) ملڪي ۽ عالمي ماهرن چيو آهي ته پاڪستان ۾ ڪيميائي ڀاڻ جي بي حساب ۽ غير ضروري استعمال سبب مٽيءَ جي صحت تيزي سان تباهه ٿي رهي آهي ۽ جيڪڏهن بروقت قدم نه کنيا ويا ته اها صورتحال قومي زرعي بحران ۾ تبديل ٿي سگهي ٿي، ماهرن جو چوڻ هو ته ايندڙ نسل لاءِ زمين کي زرخيز ۽ پائيدار بڻائڻ لاءِ ري جنريٽو ايگريڪلچر، …

حيدرآباد -24 سيپٽمبر (اي پي پي) ملڪي ۽ عالمي ماهرن چيو آهي ته پاڪستان ۾ ڪيميائي ڀاڻ جي بي حساب ۽ غير ضروري استعمال سبب مٽيءَ جي صحت تيزي سان تباهه ٿي رهي آهي ۽ جيڪڏهن بروقت قدم نه کنيا ويا ته اها صورتحال قومي زرعي بحران ۾ تبديل ٿي سگهي ٿي، ماهرن جو چوڻ هو ته ايندڙ نسل لاءِ زمين کي زرخيز ۽ پائيدار بڻائڻ لاءِ ري جنريٽو ايگريڪلچر، حياتياتي وائيو منڊل  جي بحالي ۽ ورمي ڪمپوسٽ کي هٿي وٺرائڻ جي سخت گھرج آهي، سنڌ زرعي يونيورسٽي ٽنڊوڄام ۾ سوائل سائنس شعبي جي ميزباني ھيٺ ۽ ٽراش اِٽ جي گڏيل سهڪار سان “سوائل هيلٿ وِيڪ 2025”ع جي سلسلي ۾“سنڌ جي نئين سر بحالي – سڀاڻي لاءِ پوکي راھي” تي اھم سيمينار منعقد ڪيو ويو. ان موقعي تي وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر الطاف علي سيال چيو ته ڪيميڪل ڀاڻن تي بي حساب استعمال زرعي زمين جي پيداواري صلاحيت کي محدود ڪري ڇڏيو آهي، جيڪا مستقبل ۾ هڪ وڏي سانحي کان گهٽ نه هوندي، ھن چيو ته ملڪ ۾ هر سال اربين ڊالر ڪيميڪلز تي خرچ ڪيو پيو وڃي، ان ڪري هارين کي قدرتي ۽ ماحول دوست ڪمپوسٽ طريقن ڏانهن راغب ڪيو وڃي، برطانيا جي مشهور زرعي ماهر ۽ سوائل فوڊ ويب مينٽور نِڪ پيڊوڪ پنهنجي مقالي ۽ سوالن جي جواب جي ويھڪ دوران چيو ته پاڪستان، خاص طور سنڌ کي فوري طور تي سوائل جي خوردبيني جيوڙن جي بحالي ۽ ري جنريٽو فارمنگ جهڙن جديد طريقن کي ھٿي ڏيڻ جي ضرورت آهي.

هن ٻڌايو ته 400 کان وڌيڪ مٽيءَ جي نمونن جي تحقيق مان ظاهر ٿيو  آهي ته هتان جي زمين ۾ بيڪٽيريا جي گهڻائي آهي، پر فنگس، پروٽوزوا ۽ نيميٽوڊز تمام گهٽ آهن، ان قسم جو عدم توازن معدنيات جي جذب ڪرڻ جي صلاحيت کي گهٽائي ٿو ۽ پاڻي جي جذب جو نظام ڪمزور ڪري ٿو، هن چيو ته مٽي ۾ نامياتي مواد، ورمي ڪمپوسٽ ۽ متوازن ڪمپوسٽ شامل ڪرڻ سان زمين جي زرخيزيت بحال ڪري سگهجي ٿي ۽ پاڻي جو ڪارگر استعمال ممڪن آهي، جيڪو سنڌ جهڙن علائقن لاءِ انتهائي اهم آهي جتي پاڻي جي کوٽ ۽ لوڻياٺ ۽ سم جا مسئلا عام آهن، مثالي آبادگارخالد مقصود پنهنجي ڪامياب تجربن بابت ٻڌايو ته ورمي ڪمپوسٽ استعمال ڪرڻ سان زمين جي صحت، فصلن جي واڌ ۽ پيداوار ۾ نمايان اضافو ٿيو آهي. ھن ٻڌايو ته سندس زمين هاڻي سنڌ زرعي يونيورسٽي جي شاگردن لاءِ تحقيقاتي فيلڊ جو ڪردار ادا ڪري رهي آهي ۽ اسان مقامي هارين کي به عملي تربيت ڏئي رهيا آهيون، ڊين فئڪلٽي آف ڪراپ پروڊڪشن پروفيسر ڊاڪٽر عنايت الله راڄپر چيو ته جيڪڏهن سنڌ ۾ سم ۽ ڪلر ختم ڪرڻ، پاڻي جو ڪارائتو استعمال ۽ مٽيءَ ۾ نامياتي مواد وڌائڻ تي ڌيان ڏنو وڃي ته زرعي زمين جي پيداواري صلاحيت ٻيهر بحال ٿي سگهي ٿي. ان موقعي تي ڊائريڪٽر ٽراش اِٽ راهول راءِ چيو ته زرعي نظام کي مضبوط ۽ پائيدار بڻائڻ لاءِ مٽيءَ جي حياتياتي وائيو منڊل، ڪمپوسٽ جو استعمال ۽ ڪلائميٽ اسمارٽ فارمنگ تي عمل ڪرڻ لازمي آهي. هن چيو ته ٽراش اِٽ هارين کي ڪيميڪلز کان ڇوٽڪارو ڏئي ماحول دوست زرعي ماڊل اختيار ڪرڻ لاءِ عملي مدد فراهم ڪري رهيو آهي. تقريب کي ڊاڪٽر الله وڌايو، ڊاڪٽر صائمه ڪلثوم ٻٻر ۽ ٻين پُڻ خطاب ڪيو، جڏهن ته شرڪت ڪندڙن ۾ شيلڊون ورهايون ويون.