ڪراچي - 24 سيپٽمبر (اي پي پي) سنڌ مدرسته الاسلام يونيورسٽيءَ جي اڪيڊمڪ ڪائونسل جو 15هون اجلاس وائس چانسلر ڊاڪٽر مجيب صحرائيءَ جي صدارت ۾ يونيورسٽي جي سينيٽ هال ۾ منعقد ٿيو، جنهن ۾ فيڪلٽي آف ايجوڪيشن، فيڪلٽي آف سائنسز، فيڪلٽي آف انفارميشن ٽيڪنالاجي ۽ فيڪلٽي آف مئنيجمينٽ، بزنس ايڊمنسٽريشن ۽ ڪامرس سان لاڳاپيل فيصلن جي منظوري ڏني ويئي. اجلاس ۾ هائر ايجوڪيشن ڪميشن جي پاليسي تحت نوان ڪورس ۽ …
سنڌ مدرسته الاسلام يونيورسٽيءَ جي اڪيڊمڪ ڪائونسل جو اجلاس، مُختلف فيصلن جي منظوري
ڪراچي – 24 سيپٽمبر (اي پي پي) سنڌ مدرسته الاسلام يونيورسٽيءَ جي اڪيڊمڪ ڪائونسل جو 15هون اجلاس وائس چانسلر ڊاڪٽر مجيب صحرائيءَ جي صدارت ۾ يونيورسٽي جي سينيٽ هال ۾ منعقد ٿيو، جنهن ۾ فيڪلٽي آف ايجوڪيشن، فيڪلٽي آف سائنسز، فيڪلٽي آف انفارميشن ٽيڪنالاجي ۽ فيڪلٽي آف مئنيجمينٽ، بزنس ايڊمنسٽريشن ۽ ڪامرس سان لاڳاپيل فيصلن جي منظوري ڏني ويئي. اجلاس ۾ هائر ايجوڪيشن ڪميشن جي پاليسي تحت نوان ڪورس ۽ پنجين سيمسٽر کان پوءِ شاگردن لاءِ انٽرنشپ سميت ٻين تعليمي معاملن تي تفصيلي بحث بعد فيصلا ڪيا ويا. اجلاس ۾ يونيورسٽيءَ جي تعليمي ڪارڪردگيءَ جو پڻ تفصيلي جائزو ورتو ويو ۽ زور ڏنو ويو ته معياري تعليم سان گڏ تحقيقي ڪم کي اڃا وڌيڪ ترجيح ڏني ويندي. ڪائونسل ۾ انفارميشن ٽيڪنالاجيءَ جي فيڪلٽي بورڊ جي سفارشن تحت انڊسٽري ايڊوائزري بورڊ ۽ انڊسٽري رابطا ڪميٽي لاءِ پاليسي فريم ورڪ قائم ڪيو. ڪائونسل، ڊسپلنري ڪميٽي جي اڳ وارن ميمبرن جي مدي ختم ٿيڻ کانپوءِ يونيورسٽي جي ايجوڪيشن ڊپارٽمينٽ جي چيئرپرسن ڊاڪٽر اسٽيفن جان ۽ سافٽ ويئر انجنيئرنگ ڊپارٽمينٽ جي چيئرپرسن ڊاڪٽر عبدالحفيظ خان کي ڊسپلنري ڪميٽي جو ميمبر مقرر ڪيو.

ڪائونسل ڊاڪٽر جمشيد عادل هاليپوتو، ڊين فيڪلٽي آف مئنيجمينٽ، بزنس ايڊمنسٽريشن اينڊ ڪامرس ۽ ڊاڪٽر سيد آصف علي، پروفيسر آرٽيفيشل انٽيليجنس اينڊ ميٿميٽيڪل سائنسز، جي ايلفيئيشن ڪميٽي تي مقرريءَ جي منظوري ڏني. اڪيڊمڪ ڪائونسل کي خطاب ڪندي وائس چانسلر ڊاڪٽر مجيب صحرائي چيو ته اسان هن وقت هڪ تمام گهڻي چئلينجنگ دنيا ۾ رهي رهيا آهيون جتي هر گذرندڙ ڏينهن سان گڏ اعليٰ تعليم سميت سڀني شعبن ۾ نوان چئلينجز سامهون اچي رهيا آهن، تنهن ڪري يونيورسٽين کي انهن چئلينجز کي قبول ڪرڻ گهرجي ۽ بهتري لاءِ پنهنجون پاليسيون ۽ طريقا تبديل ڪرڻ گهرجن. هن چيو ته اڄ جي ڊجيٽل دور جو شاگرد به ماضيءَ جي شاگردن کان مختلف آهي، تنهن ڪري تدريسي طريقي ۽ ڪورسز کي موجوده دور جي ضرورتن مطابق ٺاهيو وڃي. ڊاڪٽر مجيب صحرائي شاگردن کي معياري تعليم فراهم ڪرڻ ۾ استادن جي ڪردار جي تعريف ڪندي چيو ته سنڌ مدرسته الاسلام يونيورسٽي ملڪ جي بهترين يونيورسٽين مان هڪ بڻجي سامهون آئي آهي. هن چيو ته سنڌ مدرسته الاسلام يونيورسٽي جولاءِ جي مهيني ۾ پنهنجو پنجون ڪانووڪيشن ڪاميابي سان منعقد ڪيو، جنهن ۾ 367 شاگردن کي ڊگريون ڏنيون ويون، انهن ۾ سنڌ مدرسته الاسلام يونيورسٽي جو پهريون پي ايڇ ڊي به شامل هو. ڊاڪٽر صحرائي وڌيڪ چيو ته سنڌ مدرسته الاسلام يونيورسٽي پنهنجي شاگردن کي ضروري سهولتون ۽ سکيا جا موقعا فراهم ڪرڻ لاءِ سرگرم عمل آهي. ان سلسلي ۾، حشمت لوڌي يوٿ ڊولپمينٽ سينٽر، اسٽوڊنٽس ڊولپمينٽ فنڊ ۽ اي آءِ ليب قائم ڪيا ويا آهن. سنڌ مدرسته الاسلام يونيورسٽي صنعت سان رابطن ذريعي پنهنجي شاگردن لاءِ نوڪري جا موقعا پڻ پيدا ڪري ٿي.











