سيد مصطفيٰ ڪمال جي قازقستان جي سفير سان ملاقات

اسلام آباد-23 سيپٽمبر (اي پي پي) صحت بابت وفاقي وزير سيد مصطفيٰ ڪمال چيو آهي ته پاڪستان صحت جي شعبي ۾ عالمي ڀائيوارن کي نهايت اهميت ڏئي ٿو، اهڙا معاهدا پاڪستان جي صحت جي نظام کي وڌيڪ اثرائتو ۽ مضبوط بڻائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري سگهن ٿا. اهڙن خيالن جو اظهار هن  قازقستان جي سفير يرزان ڪيستافين سان ملاقات دوران ڪيو. ان موقعي تي صحت جي شعبي ۾ ٻه …

اسلام آباد-23 سيپٽمبر (اي پي پي) صحت بابت وفاقي وزير سيد مصطفيٰ ڪمال چيو آهي ته پاڪستان صحت جي شعبي ۾ عالمي ڀائيوارن کي نهايت اهميت ڏئي ٿو، اهڙا معاهدا پاڪستان جي صحت جي نظام کي وڌيڪ اثرائتو ۽ مضبوط بڻائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري سگهن ٿا. اهڙن خيالن جو اظهار هن  قازقستان جي سفير يرزان ڪيستافين سان ملاقات دوران ڪيو. ان موقعي تي صحت جي شعبي ۾ ٻه طرفي سهڪار ۽ گڏيل دلچسپي جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ٻنهي ملڪن وچ ۾ تجويز ڪيل مفاهمتي يادداشت تي پڻ ڳالهيون ٿيون جنهن جو مقصد طبي تحقيق، طبي عمل جي تربيت، فني معاونت ۽ ٻين شعبن ۾ گڏيل سهڪار کي هٿي ڏيڻ آهي. ٻنهي ڌُرين ملاقات جي پڄاڻي تي مفاهمتي يادداشت کي جلد حتمي شڪل ڏيڻ تي اتفاق ڪيو، اها ڀائيواري ٻنهي ملڪن جي عوام لاءِ لاڀائتي ثابت ٿيندي. وفاقي وزير چيو ته پي ايم ڊي سي ۽ ڊريپ کي مڪمل طور تي ڊجيٽلائيزيشن ڪيو پيو وڃي ۽ ميرٽ ۽ شفافيت کي يقيني بڻائڻ لاءِ هيومن ڪنٽيڪٽ ختم ڪيو پيو وڃي، قازقستان حڪومت سان ناتا وڌيڪ مضبوط بڻائڻ چاهيون ٿا، اسان جا ناتا ايندڙ نسلن تائين هلندا. قازقستان جي سفير چيو ته مان چاهيان ٿو ته اسان جو صحت وارو وزير ۽ اوهان صحت جي شعبي ۾ گڏجي ڪم ڪريو ۽ هڪٻئي جي تجربن مان ڀرپور فائدو کڻڻ چاهيون ٿا.

مزید خبریں