پاڪستان ۽ بحرين جي پُراڻن ۽ ڀائراڻن لاڳاپن کي ٻنهي ملڪن جي عوام لاءِ ٺوس نتيجن ۾ تبديل ڪيو وڃي: اسحاق ڊار

اسلام آباد- 09 آڪٽوبر (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار بحرين سان پاڪستان جي پُراڻن ۽ ڀائراڻن لاڳاپن جي اهميت کي اجاگر ڪيو آهي ۽ ان ڳالهه تي زور ڏنو آهي ته ويجهن ٻطرفن لاڳاپن کي ٻنهي ملڪن جي عوام لاءِ ٺوس نتيجن ۾ تبديل ڪيو وڃي، جڏهن ته بحرين جي پرڏيهي وزير ڊاڪٽر عبداللطيف بن راشد الزياني ٻطرفن لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ …

اسلام آباد- 09 آڪٽوبر (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار بحرين سان پاڪستان جي پُراڻن ۽ ڀائراڻن لاڳاپن جي اهميت کي اجاگر ڪيو آهي ۽ ان ڳالهه تي زور ڏنو آهي ته ويجهن ٻطرفن لاڳاپن کي ٻنهي ملڪن جي عوام لاءِ ٺوس نتيجن ۾ تبديل ڪيو وڃي، جڏهن ته بحرين جي پرڏيهي وزير ڊاڪٽر عبداللطيف بن راشد الزياني ٻطرفن لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ ۽ مختلف شعبن ۾ تعاون کي وڌائڻ جي لاءِ بحرين جي عزم کي ورجايو آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري ڪيل بيان موجب نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار جي دعوت تي بحرين جي پرڏيهي وزير ڊاڪٽر عبداللطيف بن راشد الزياني 7 ۽ 8 آڪٽوبر 2026ع تي پاڪستان جو سرڪاري دورو ڪيو. دوري دوران، هن نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سان ٻطرفيُون ڳالهيون ڪيون جڏهن ته صدر ۽ وزيراعظم سان پڻ ملاقاتون ڪيون. هن آرمي چيف ۽ چيف آف ڊفينس فورسز سان پڻ ملاقات ڪئي. نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار ۽ بحرين جي پرڏيهي وزير ڊاڪٽر عبداللطيف بن راشد الزياني پرڏيهي معاملن جي وزارت ۾ پاڪستان- بحرين گڏيل وزارتي ڪميشن (جي ايم سي) جي ٽئين اجلاس جي گڏيل صدارت ڪئي. ٻنهي ڌرين واپار ۽ سيڙپڪاري، زراعت ۽ خوراڪ جي تحفظ، توانائي، سامونڊي معاملن، انفارميشن ٽيڪنالاجي ۽ ٽيليڪميونيڪيشن، صحت ۽ تعليم، محنت ۽ افرادي قوت ۽ عوامي رابطن سميت مختلف شعبن ۾ ٻطرفي تعاون تي تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. انهن رابطن کي مضبُوظ بڻائڻ ۽ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ لاڳاپن جي عوام جي وچ ۾ ميل ميلاپ کي فروغ ڏيڻ جي قدمن تي پُڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير بحرين سان پاڪستان جي پُراڻن ۽ ڀائراڻي لاڳاپن جي اهميت کي اجاگر ڪندي، ان ڳالهه تي زور ڏنو ته ويجهن ٻطرفن لاڳاپن کي ٻنهي ملڪن جي عوام لاءِ ٺوس نتيجن ۾ تبديل ڪيو وڃي. هن گڏيل ورڪنگ گروپس سميت ادارجاتي طريقيڪار ذريعي طئه ٿيل فيصلن تي موثر عملدرآمد ۽ ان تي باقائدگي سان اڳڀرائي جو جائزو وٺڻ جي اهميت تي به زور ڏنو. بحرين جي پرڏيهي وزير ڊاڪٽر عبداللطيف بن راشد الزياني ٻطرفن لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ ۽ مختلف شعبن ۾ تعاون کي وڌائڻ جي بحرين جي عزم کي ورجايو. هن بحرين جي ترقي ۽ خوشحالي ۾ پاڪستاني برادري جي اهم ڪردار جو پڻ اعتراف ڪيو. گڏيل وزارتي ڪميشن جي ٽئين اجلاس جي پُڄاڻي تي ٻنهي ملڪن جي پرڏيهي وزيرن اجلاس جي پروٽوڪول تي صحيحُون ڪيُون. ٻنهي ڌرين گڏيل وزارتي ڪميشن جو چوٿون اجلاس ايندڙ سال مناما ۾ منعقد ڪرڻ تي به اتفاق ڪيو. ٻنهي ڌرين علائقائي ۽ عالمي صورتحال تي پُڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ۽ گڏيل قومن سميت گهڻ رخن فورمن تي تعاون تي به ڳالهه ٻولهه ڪئي. بحرين جي پرڏيهي وزير آبناءِ هرمز جي صورتحال جي حوالي سان پنهنجي ملڪ جي موقف جي وضاحت ڪئي ۽ خطي ۾ تازن بحرانن دوران خاص طور تي گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل ۾ پاڪستان جي سفارتي ڪردار کي ساراهيو. نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير فلسطين، ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيـٺ ڄمون ۽ ڪشمير، سنڌ طاس معاهدي ۽ افغانستان مان جنم وٺندڙ دهشتگردي جي خطرن جي حوالي سان پاڪستان جي اصولي موقف کي اجاگر ڪيو. اهو دورو پاڪستان ۽ بحرين جي وچ ۾ ٻطرفن لاڳاپن ۾ اڳڀرائي جو جائزو وٺڻ ۽ گڏيل تعاون کي وڌيڪ هٿي وٺرائڻ جو اهم موقعو ثابت ٿيو. ان سان ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ويجهن ۽ ڀائراڻن لاڳاپن کي وڌيڪ گهرو ڪرڻ جي گڏيل عزم کي پُڻ ورجايو ويو.

مزید خبریں