اسلام آباد- 09 آڪٽوبر (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري اتر وزيرستان ۾ فتنه الخوارج جي 7 دهشتگردن کي جهنم ڀيڙو ڪرڻ تي سيڪيورٽي فورسز کي خراج تحسين پيش ڪيو آهي. جمعي ڏينهن ايوان صدر جي ميڊيا ونگ پاران جاري ڪيل هڪ بيان موجب، صدر دهشتگردن جي ٺڪاڻن کي تباهه ڪرڻ ۽ وڏي مقدار ۾ هٿيار ۽ گولا بارود هٿ ڪرڻ ۾ سيڪيورٽي فورسز جي موثر ڪارروائي کي ساراهيو. …
صدر پاران اتر وزيرستان ۾ فتنه الخوارج جي 7 دهشتگردن کي جهنم ڀيڙو ڪرڻ تي سيڪيورٽي فورسز کي خراج تحسين پيش

مزید خبریں
اسلام آباد- 09 آڪٽوبر (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري اتر وزيرستان ۾ فتنه الخوارج جي 7 دهشتگردن کي جهنم ڀيڙو ڪرڻ تي سيڪيورٽي فورسز کي خراج تحسين پيش ڪيو آهي. جمعي ڏينهن ايوان صدر جي ميڊيا ونگ پاران جاري ڪيل هڪ بيان موجب، صدر دهشتگردن جي ٺڪاڻن کي تباهه ڪرڻ ۽ وڏي مقدار ۾ هٿيار ۽ گولا بارود هٿ ڪرڻ ۾ سيڪيورٽي فورسز جي موثر ڪارروائي کي ساراهيو. صدر آصف علي زرداري چيو ته دهشتگردن جي غيرمُلڪي سرپرستن ۽ انهن جي مقامي سهولتڪارن جي سازشن کي هر قيمت تي ناڪام بڻايو ويندو. هن چيو ته پوري قوم دهشتگردي خلاف جنگ ۾ پنهنجي سيڪيورٽي فورسز سان گڏ بيٺل آهي.










