اسلام آباد- 09 آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سعودي عرب جي خلاف حوثي مليشيا جي دهشتگرد حملن جي سخت مذمت ڪندي سعودي قيادت ۽ عوام سان پختي يڪجهتي جو اظهار ڪيو آهي. جمعي جي ڏينهن سماجي رابطن واري ويب سائيٽ 'ايڪس' تي هڪ بيان ۾ وزيراعظم چيو ته هو سعودي عرب جي خلاف حوثي مليشيا جي بار بار ٿيندڙ دهشتگرد حملن جي سخت مذمت ڪن ٿا جنهن …
وزيراعظم پاران سعودي عرب جي خلاف حوثي مليشيا جي دهشتگرد حملن جي سخت مذمت، حوثي مليشيا کي حملا فوري طور تي بند ڪرڻ گهرجن: شهباز شريف

مزید خبریں
اسلام آباد- 09 آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سعودي عرب جي خلاف حوثي مليشيا جي دهشتگرد حملن جي سخت مذمت ڪندي سعودي قيادت ۽ عوام سان پختي يڪجهتي جو اظهار ڪيو آهي. جمعي جي ڏينهن سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ‘ايڪس’ تي هڪ بيان ۾ وزيراعظم چيو ته هو سعودي عرب جي خلاف حوثي مليشيا جي بار بار ٿيندڙ دهشتگرد حملن جي سخت مذمت ڪن ٿا جنهن ۾ رياض جي ڪنگ خالد انٽرنيشنل ايئرپورٽ ۽ ابها انٽرنيشنل ايئرپورٽ کي نشانو بڻائڻ به شامل آهي، انهن حملن جي نتيجي ۾ جاني نقصان سان گڏوگڏ ڪيترائي ماڻهُو زخمي ٿيا. وزيراعظم سعودي هٿياربند فوج ۽ اتحادي فوج جي تياري ۽ پيشيوراڻين صلاحيتن کي ساراهيندي چيو ته انهن ڪيتراين ئي بيلسٽڪ ميزائلن کي رستي ۾ ئي تباهه ڪيو. هن معصوم جانين جي تحفظ ۽ مُلڪ جي سلامتي کي يقيني بڻائڻ لاءِ انهن جي مسلسل ڪوششن کي به خراج تحسين پيش ڪيو. وزيراعظم چيو ته پاڪستان، سعودي عرب جي قيادت ۽ عوام سان پختي يڪجهتي سان گڏ بيٺو آهي. مڪه گڏيل دفاعي معاهدي ۽ ان جي اسٽريٽجڪ سياسي ۽ دفاعي ڪميٽي جي تازين فيصلن مُوجب سعودي عرب جي خودمختياري، علائقائي سالميت ۽ سلامتي جي لاءِ پاڪستان جو پختو عزم آهي. اسان سعودي عرب جي پنهنجي عوام جي دفاع ۽ پنهنجن شهرن ۽ اهم ٺڪاڻن جي تحفظ جي جائز حق جي به مڪمل حمايت ڪريون ٿا. وزيراعظم چيو ته حوثي مليشيا کي اهي حملا فوري طور تي بند ڪرڻ گهرجن. اسان انهن خطرن جي مقابلي لاءِ سعودي عرب سان ڪلهو ڪلهي سان ملائي بيٺل رهنداسين.










