پورٽ قاسم تي وڌيڪ ٻه اضافي گهڻ مقصد برٿن جي تعمير سان بندرگاهه جي صلاحيت ۾ نمايان واڌ ٿيندي: وفاقي وزير جنيد انوار چوڌري

اسلام آباد-23 سيپٽمبر (اي پي پي) سامونڊي معاملن بابت وفاقي وزير جنيد انوار چوڌري پورٽ قاسم تي بندرگاهه جي انفراسٽرڪچر ۽ آپريشنل صلاحيتن کي وڌائي سيمنٽ ۽ ڪلنڪر جي روانگي واپار کي هٿي وٺرائڻ لاءِ وڏن قدمن جو اعلان ڪندي چيو آهي ته پورٽ قاسم وڌيڪ ٻه اضافي گهڻ مقصد برٿن جي تعمير سان روانگي ڪارگو کي وڌيڪ اثرائتي طريقي سان مُنهن ڏيڻ لاءِ بندرگاهه جي صلاحيت ۾ نمايان واڌ …

اسلام آباد-23 سيپٽمبر (اي پي پي) سامونڊي معاملن بابت وفاقي وزير جنيد انوار چوڌري پورٽ قاسم تي بندرگاهه جي انفراسٽرڪچر ۽ آپريشنل صلاحيتن کي وڌائي سيمنٽ ۽ ڪلنڪر جي روانگي واپار کي هٿي وٺرائڻ لاءِ وڏن قدمن جو اعلان ڪندي چيو آهي ته پورٽ قاسم وڌيڪ ٻه اضافي گهڻ مقصد برٿن جي تعمير سان روانگي ڪارگو کي وڌيڪ اثرائتي طريقي سان مُنهن ڏيڻ لاءِ بندرگاهه جي صلاحيت ۾ نمايان واڌ ٿيندي. اهڙن خيالن جو اظهار هن پنهنجي صدارت هيٺ اجلاس ۾ ڪيو. هن چيو ته ريئر ايڊمرل سيد معظم الياس جي سربراهيءَ ۾ سڀني وڏين بندرگاهن جي نمائندگي ڪندڙ ذيلي ڪميٽي روانگي واپار جي صلاحيتن کي تيز ڪرڻ لاءِ اهم سفارشن کي حتمي شڪل ڏئي ڇڏي آهي. هن چيو ته پورٽ قاسم تي وڌيڪ ٻه اضافي گهڻ مقصد برٿن جي تعمير کي تيز ڪرڻ جي ضرورت آهي جنهن سان روانگي ڪارگو کي وڌيڪ اثرائتي طريقي سان مُنهن ڏيڻ لاءِ بندرگاهه جي صلاحيت ۾ نمايان واڌ ٿيندي، روانگي واپار لاجسٽڪس کي سپورٽ ڪرڻ لاءِ پورٽ قاسم تي 30 هزار ميٽرڪ ٽن جي گنجائش سان هڪ اضافي اسٽوريج جي سهولت جي تعمير جا منصوبا پڻ جاري آهن. هن وڌيڪ چيو ته هي منصوبو ضروري رسمي ڪاررواين کي مڪمل ڪرڻ کانپوءِ هلندڙ سال جي آخر تائين شروع ٿيڻ جي اميد آهي. جنيد انوار چوڌاري چيو ته موجوده اسٽوريج جي بنيادي ڍانچي جي مستقل مرمت جو ڪم شروع ڪيو ويندو جنهن کي ڊسمبر 2025ع تائين مڪمل ڪرڻ جو هيدف رکيو ويندو ته جيئن بنا ڪنهن رڪاوٽ جي روانگي واپار جي عمل کي يقيني بڻائي سگهجي. هن چيو ته پورٽ قاسم اٿارٽي آل پاڪستان سيمنٽ مينيوفيڪچرنررز ايسوسيئيشن سان گڏجي ڪلنڪر جي روانگي واپار لاءِ هن وقت استعمال هيٺ ساهيوال برٿ جي امڪاني استعمال لاءِ سهڪار ڪندو. هن چيو ته اهي قدم سامونڊي شعبي کي مضبوط بڻائڻ ۽ روانگي واپار جي چٽاڀيٽيءَ کي وڌائڻ لاءِ هڪ وسيع حڪومتي حڪمتِ عملي جو حصو آهي، سيمنٽ ۽ ڪلنڪر ۾ اقتصادي ترقي ۽ واپاري ترقي ۾ حصو وجهن ٿا.

مزید خبریں