سينيٽر محمد طلحه محمود سينيٽ جي بچاءُ بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جو چيئرمين چونڊجي ويو

اسلام آباد-23 سيپٽمبر (اي پي پي) پاڪستان پيپلز پارٽي جو سينيٽر محمد طلحه محمود سينيٽ جي بچاءُ بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جو چيئرمين چونڊجي ويو. سينيٽ جي بچاءُ بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جو اجلاس ڪالهه پارليامينٽ هائوس ۾ منعقد ٿيو جنهن ۾ ڪميٽيءَ جي نئين چيئرمين جي چونڊ جو عمل ٿيو. اجلاس دوران سينيٽر عمر فاروق، سينيٽر محمد طلحه محمود کي ڪميٽيءَ جي چيئرمين لاءِ نامزد ڪيو، جڏهن ته سينيٽر سرمد علي …

اسلام آباد-23 سيپٽمبر (اي پي پي) پاڪستان پيپلز پارٽي جو سينيٽر محمد طلحه محمود سينيٽ جي بچاءُ بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جو چيئرمين چونڊجي ويو. سينيٽ جي بچاءُ بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جو اجلاس ڪالهه پارليامينٽ هائوس ۾ منعقد ٿيو جنهن ۾ ڪميٽيءَ جي نئين چيئرمين جي چونڊ جو عمل ٿيو. اجلاس دوران سينيٽر عمر فاروق، سينيٽر محمد طلحه محمود کي ڪميٽيءَ جي چيئرمين لاءِ نامزد ڪيو، جڏهن ته سينيٽر سرمد علي ان جي تائيد ڪئي. ايوان گڏيل طور تي سينيٽر محمد طلحه محمود کي چيئرمين چونڊي ورتو. چونڊجڻ کانپوءِ سينيٽر محمد طلحه محمود پنهنجن خيالن جو اظهار ڪندي هن چيو ته بچاءُ بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي سينيٽ جي سڀ کان اهم ڪميٽين مان هڪ آهي. هن ان عزم جو اظهار ڪيو ته سمورا ڪميٽيءَ جا مميبر گڏجي دفاعي معاملن ۾ بهتري آڻڻ ۽ قومي سلامتي جي نظام کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ لاءِ قدم کنيا ويندا. هن چيو ته پاڪستان جي فوج ملڪ جي دفاع، سرحدن جي حفاظت ۽ امن ۽ امان جي قيام لاءِ جيڪي قربانيون ڏنيون آهن اهي پوري قوم لاءِ فخر جوڳيون آهن. تازي پاڪ- ڀارت ڇڪتاڻ دوران پاڪستاني فوج جنهن جرئت ۽ بهادريءَ جو مظاهرو ڪيو، ان جو مثال دنيا ۾ نٿو ملي ۽ ان سان پاڪستان جو وقار عالمي سطح تي بلند ٿيو. سينيٽر طلحه محمود چيو ته ملڪي سلامتي اسان سڀني لاءِ وڌيڪ مقدم آهي ۽ ان معاملي تي پوري قوم کي متحد ٿيڻو پوندو. ويجهڙ ۾ سعودي عرب سان طئي ٿيل معاهدو پڻ پاڪستان لاءِ نهايت اهميت رکندڙ آهي جنهن تي فخر ڪرڻ گهرجي. هن وڌيڪ چيو ته بچاءُ واري وزارت سان لاڳاپيل ٻين ادارن ۾ پڻ بهتريءَ جي گنجائش آهي ۽ ڪميٽي هر وقت انهن ادارن ۾ سڌارن ۽ بهتريءَ لاءِ تيار آهي. سينيٽر طلحه محمود الله تعاليٰ جو شڪر ادا ڪندي چيو ته هو 2006ع کان مختلف اسٽينڊنگ ڪميٽين خاص ڪري گهرو، ڪابينه سيڪريٽريٽ ۽ ناڻي جي چيئرمين جي حيثيت ۾ رهي چڪو آهي. هن چيو ته هاڻي بچاءَ بابت ڪميٽيءَ جي سربراهي سندس لاءِ هڪ اعزاز آهي ۽ هو پنهنجون سموريون صلاحيتون ملڪ ۽ قوم لاءِ ڪتب آڻيندو. خطي جي حوالي سان ڳالهه ٻولهه ۾ هن چيو ته چترال دفاعي اعتبار سان انتهائي اهم علائقو آهي پر افسوس آهي ته اتي بنيادي ڍانچو نه هئڻ برابر آهي. چيئرمين سينيٽر محمد طلحه چيو ته چترال ايئرپورٽ انتهائي اهميت رکندڙ آهي ان کي فوري آپريشنل ڪيو وڃي ۽ اتي جيڪي فلائيٽس بند آهن انهن کي به فوري طور تي بحال ڪيو وڃي ته جيئن چترال جي ملڪ جي ٻين علائقن سان رابطي ۾ بهتري اچي. ان موقعي تي سينيٽر عمر فاروق چيئرمين کي مبارڪون پيش ڪيون. سينيٽر سرمد علي ۽ سينيٽر عبدالقدوس بزنجو پڻ سينيٽر طلحه محمود کي چيئرمين چونڊجڻ تي مبارڪون پيش ڪيون ۽ ڪميٽيءَ جي ڪم ۾ مڪمل سهڪار جي خاطري ڪرائي.

مزید خبریں