پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ اڱاري ڏينهن تيزيءَ جو رجحان، 100 انڊيڪس وڌي هڪ لک 58 هزار 475 پوائنٽس جي رڪارڊ سطح تي پهچي ويو

اسلام آباد - 23 سيپٽمبر (اي پي پي) پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ تيزيءَ جو رجحان رهيو ۽ ڪي ايس اي 100 انڊيڪس 920.53 پوائنٽس جي اضافي کانپوءِ هڪ لک 58 هزار 475 پوائنٽس تائين پهچي ويو، جيڪو نئون رڪارڊ آهي. ڪالهه 12:30 تائين مارڪيٽ ۾ مجموعي طور تي 469 ڪمپينن شيئرز جي ڏي وٺ ٿي، 267 ڪمپنين جي شيئرز جي قيمتن ۾ اضافو، 186 جي قيمتن ۾ گهٽتائي ۽ 16 ڪمپينن جي …

اسلام آباد – 23 سيپٽمبر (اي پي پي) پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ تيزيءَ جو رجحان رهيو ۽ ڪي ايس اي 100 انڊيڪس 920.53 پوائنٽس جي اضافي کانپوءِ هڪ لک 58 هزار 475 پوائنٽس تائين پهچي ويو، جيڪو نئون رڪارڊ آهي. ڪالهه 12:30 تائين مارڪيٽ ۾ مجموعي طور تي 469 ڪمپينن شيئرز جي ڏي وٺ ٿي، 267 ڪمپنين جي شيئرز جي قيمتن ۾ اضافو، 186 جي قيمتن ۾ گهٽتائي ۽ 16 ڪمپينن جي شيئرز جي قيمتن ۾ استحڪام رهيو. مجموعي طور تي 81 ڪروڙ 71 لک 87 هزار 757 شيئرز جي ڏيتي ليتي ٿي جنهن جي ماليت 27.17 ارب رپيا هئي. ڪي ايس اي 30 انڊيڪس 265.14 پوائنٽس جي اضافي کانپوءِ 48 هزار 299 پوائنٽس ۽ اسلامي ماليات رکندڙ ڪي ايم آءِ 30 انڊيڪس 1253.67 پوائنٽس جي اضافي کانپوءِ 2 لک 35 هزار 369.42 پوائنٽس تائين پهچي ويو. فيوچر ٽريڊنگ تحت 15.61 ارب رپين جا سودا طئي ٿيا. ڪي اليڪٽرڪ، پيس پاڪستان لميٽيڊ ۽ سينر جيڪو پاڪستان جي شيئرز جي سڀ کان وڌيڪ خريد ۽ وڪرو ٿيا. فرسٽ النور مدارو، گلستان سپننگ ملز ۽ سروس انڊسٽري ٽيڪسائل لميٽيڊ سرفهرست ايڊوانسر ڪمپنيون رهيون.

مزید خبریں