لاهور-23 سيپٽمبر (اي پي پي) پي ڊي ايم اي، راوي، ستلج ۽ چناب درياهن ۾ ٻوڏ سبب ٿيل نقصانن جي رپورٽ جاري ڪري ڇڏي. رپورٽ مطابق پنجاب جي 27 ضلعن ٻوڏ سبب متاثر ٿيا، نقصانن جو ڪاٿو لڳائڻ لاءِ سروي اڄ کان شروع ٿيندو. پنجاب جي رليف ڪمشنر نبيل جاويد ٻڌايو ته هاڻوڪي ٻوڏ سبب 4700 کان وڌيڪ ڳوٺ متاثر ٿيا. درياهن ۾ ٻوڏ واري صورتحال سبب مجموعي طور تي 47 …
پي ڊي ايم اي پاران درياهن ۾ ٻوڏ سبب ٿيل نقصانن جي رپورٽ جاري

مزید خبریں
لاهور-23 سيپٽمبر (اي پي پي) پي ڊي ايم اي، راوي، ستلج ۽ چناب درياهن ۾ ٻوڏ سبب ٿيل نقصانن جي رپورٽ جاري ڪري ڇڏي. رپورٽ مطابق پنجاب جي 27 ضلعن ٻوڏ سبب متاثر ٿيا، نقصانن جو ڪاٿو لڳائڻ لاءِ سروي اڄ کان شروع ٿيندو. پنجاب جي رليف ڪمشنر نبيل جاويد ٻڌايو ته هاڻوڪي ٻوڏ سبب 4700 کان وڌيڪ ڳوٺ متاثر ٿيا. درياهن ۾ ٻوڏ واري صورتحال سبب مجموعي طور تي 47 لک کان وڌيڪ ماڻهو متاثر ٿيا. ٻوڏ سبب متاثر علائقن ۾ 271 رليف ڪئمپون قائم ڪيون ويون، رليف ڪئمپس ۾ شهرين کي کاڌو ۽ بنيادي سهولتون فراهم ڪيون پيون وڃن. متاثر علائقن ۾ 300 ميڊيڪل ڪئمپون به قائم ڪيون ويون آهن. رليف ڪمشنر چيو ته ٻوڏ ۾ ڦاٿل 26 لک 38 هزار ماڻهن کي محفوظ هنڌن ڏانهن منتقل ڪيو ويو، چوپائي مال جي علاج جي سهولت فراهم ڪرڻ سان گڏوگڏ 283 ويٽرنري ڪيمپ قائم ڪيون ويون آهن. متاثر علائقن ۾ ريسڪيو رليف سرگرمين ۾ 21 لک 17 هزار جانورن کي محفوظ هنڌن تي منتقل ڪيو ويو. هن چيو ته هاڻوڪي ٻوڏ سبب مختلف حادثن ۾ 134 شهري فوت ۽ 13 ڄڻا زخمي ٿيا. پنجاب جي وزيراعليٰ جي هدايتن کي نظر ۾ رکندي شهرين جي نقصانن جو ازالو ڪيو ويندو.











