سنڌ حڪومت ھلندڙ ھفتي عورتن ۽ شاگردياڻين ۾ مفت اليڪٽرڪ اسڪوٽيز ڏيندي: شرجيل ميمڻ

ڪراچي-23 سيپٽمبر (اي پي پي) سنڌ جي سينئر وزير ۽ اطلاعات، ٽرانسپورٽ ۽ ماس ٽرانزٽ واري وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته سنڌ حڪومت ھلندڙ ھفتي عورتن ۽ شاگردياڻين لاءِ مفت اليڪٽرڪ اسڪوٽيز ڏيڻ وڃي رھي آھي، اها سھولت عورتن جي لاءِ ھڪ انقلابي قدم آھي جنھن سان عورتن کي روزانو آمد و رفت ۾ سولائي ٿيندي. اهڙو اظهار هن ھڪ اھم اجلاس جي صدارت دوران ڪيو. اجلاس ۾ پنڪ اسڪوٽيز پروگرام جو تفصيلي جائزو ورتو …

ڪراچي-23 سيپٽمبر (اي پي پي) سنڌ جي سينئر وزير ۽ اطلاعات، ٽرانسپورٽ ۽ ماس ٽرانزٽ واري وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته سنڌ حڪومت ھلندڙ ھفتي عورتن ۽ شاگردياڻين لاءِ مفت اليڪٽرڪ اسڪوٽيز ڏيڻ وڃي رھي آھي، اها سھولت عورتن جي لاءِ ھڪ انقلابي قدم آھي جنھن سان عورتن کي روزانو آمد و رفت ۾ سولائي ٿيندي. اهڙو اظهار هن ھڪ اھم اجلاس جي صدارت دوران ڪيو. اجلاس ۾ پنڪ اسڪوٽيز پروگرام جو تفصيلي جائزو ورتو ويو. اجلاس ۾ ڳالھائيندي سنڌ جي سينئر وزير چيو تھ ھن سھولت جي فراھمي سان وقت جي بچت، سفري  مشڪلاتن ۾ گھٽتائي سان گڏ عورتن کي ھڪ محفوظ ۽ باوقار سفر ميسر ٿيندو. ھي اسڪيم خاص طور تي اُنھن عورتن جي لاءِ آھي، جيڪي روزانو تعليم، ملازمت يا ٻين ضرورتن لاءِ پبلڪ ٽرانسپورٽ تي ڀاڙينديون آھن.سينئر وزير شرجيل انعام ميمڻ جو چوڻ ھو ته درخواست گذار عورتن ۽ شاگردياڻين جو رڪارڊ سنڌ ماس ٽرانزٽ اٿارٽي جي ذريعي ترتيب ڏنو پيو وڃي، شفاف مڪينزم تحت ميرٽ ۽ ضرورت جي بنياد تي اليڪٽرڪ اسڪوٽيز الاٽ ڪيون پيون وڃن. ھن چيو تھ سنڌ سرڪار طرفان ھڪ شفاف ۽ سڻائو طريقيڪار اختيار ڪيو ويو آھي تھ جيئن وڌ کان وڌ عورتون ھن سھولت مان لاڀ ماڻي سگھن، سنڌ حڪومت چاھي ٿي تھ عورتون پنھنجي زندگي جي ھر شعي ۾ خودمختيار ھجن ۽ ھي اسڪيم انھن لاءِ ھڪ ھاڪاري قدم ثابت ٿيندي. شرجيل انعام ميمڻ چيو ته سمورين شاگردياڻين ۽ ملازمت پيشه عورتن کي ھن سھولت مان ڀرپور فائدو وٺڻ گھرجي ۽ سنڌ سرڪار ۽ پاڪستان پيپلز پارٽي جي قيادت چاھي ٿي ته عورتن کي اھڙا موقعا مھيا ڪيا وڃن جن سان تعليم، نوڪري ۽ ٻين سرگرمين ۾ پوري ريت حصو وٺي سگھن.