منامه -23 سيپٽمبر (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق بحرين جي ڪنگ حماد بن عيسيٰ الخليفه سان الصفريه پيلس ۾ ملاقات ڪئي، جنهن ۾ ٻنهي اڳواڻن اهم اعلائقائي ۽ عالمي معاملن تي تفصيلي ڳالهيون ڪيون. قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ موجب اسپيڪر ان موقعي تي ڳالهائيندي چيو ته پاڪستان ۽ بحرين وچ ۾ پراڻا دوستاڻا ۽ تاريخي لاڳاپا موجود آهن، پاڪستان بحرين سان گڏ پارلياماني لاڳاپا وڌيڪ مضبوط …
قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق سان بحرين جي ڪنگ حماد بن عيسيٰ الخليفه جي ملاقات

مزید خبریں
منامه -23 سيپٽمبر (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق بحرين جي ڪنگ حماد بن عيسيٰ الخليفه سان الصفريه پيلس ۾ ملاقات ڪئي، جنهن ۾ ٻنهي اڳواڻن اهم اعلائقائي ۽ عالمي معاملن تي تفصيلي ڳالهيون ڪيون. قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ موجب اسپيڪر ان موقعي تي ڳالهائيندي چيو ته پاڪستان ۽ بحرين وچ ۾ پراڻا دوستاڻا ۽ تاريخي لاڳاپا موجود آهن، پاڪستان بحرين سان گڏ پارلياماني لاڳاپا وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جو خواهشمند آهي، ٻنهي اڳواڻن پارلياماني ۽ اقتصادي شعبن ۾ سهڪار وڌائڻ تي اتفاق ڪيو. ان موقعي تي ٻنهي طرفان پارلياماني رابطن ۽ قانونسازي جي تجربن جي مٽاسٽا تي زور ڀريو. اسپيڪر بحرين جي پارليامان جي پائيدار ترقي جي هدفن جي سيڪشن جاري ڪرڻ جي تعريف ڪئي ۽ چيو ته پاڪستان بحرين جي پائيدار ترقي جا هدف حاصل ڪرڻ ۾ تعاون لاءِ پرعزم آهي. ڪنگ حماد بن عيسيٰ الخليفه پاڪستاني عوام جي خوشحالي ۽ ترقي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو ۽ پاڪستان سعودي اسٽريٽجڪ ڊفينس ايگريمينٽ تي مبارڪون ڏنيون. هن پاڪستان ۾ ٻوڏ سبب جاني ۽ مالي نقصانن تي افسوس جو اظهار ڪيو ۽ پاڪستاني ٻوڏ متاثرن سان هر ممڪن سهڪار جي خاطري ڪرائي. اسپيڪر سردار اياز صادق فلسطين ۽ ڪشمير ۾ جاري ظلم جي شديد لفظن ۾ مذمت ڪئي ۽ چيو ته ڪشمير مسئلو ۽ فلسطين جو پرامن حل خطي ۾ پائيدار امن جي قيام لاءِ ضروري آهي. بحرين جي شاهه حماد چيو ته پاڪستان اسلامي دنيا جي نمايان عسڪري قوت رکي ٿو. قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اياز صادق چيو ته پاڪستان امت جي اجتماعي مفادن جي تحفظ لاءِ پرعزم آهي. اسپيڪر چيو ته پاڪستاني وفد جي شاندار ميزباني تي شاه حماد جو شڪريو ادا ڪيو. هن صدر آصف علي زرداري ۽ وزيراعظم شهباز شريف جي نيڪ خواهشن جا پيغام پهچايا جنهن تي ڪنگ حماد بن عيسيٰ الخليفه سندس ٿورو مڃيو. اي











