حيدرآباد ۾ بلدياتي ضمني چونڊن کي پرامن نموني منعقد ڪرائڻ لاءِ پوليس سيڪيورٽي پلان جوڙي ورتو، 18 پولنگ اسٽيشنن تي مجموعي طور تي 450 پوليس آفيسر ۽ اهلڪار مقرر

حيدرآباد - 23 سيپٽمبر (اي پي پي) حيدرآباد ۾ ٿيندڙ بلدياتي ضمني چونڊن کي پرامن نموني منعقد ڪرائڻ لاءِ پوليس سيڪيورٽي پلان جوڙي ورتو آهي. ترجمان موجب 18 پولنگ اسٽيشنن تي مجموعي طور تي 450 پوليس آفيسرن ۽ اهلڪارن کي مقرر ڪيو ويو آهي. ضلعي پوليس پاران واضع ڪيو ويو آهي ته چونڊن دوران هر صورت ۾ امن امان کي برقرار رکيو ويندو، موبائيل پيٽرولنگ سان گڏ ريپڊ ريسپانس فورس …

حيدرآباد – 23 سيپٽمبر (اي پي پي) حيدرآباد ۾ ٿيندڙ بلدياتي ضمني چونڊن کي پرامن نموني منعقد ڪرائڻ لاءِ پوليس سيڪيورٽي پلان جوڙي ورتو آهي. ترجمان موجب 18 پولنگ اسٽيشنن تي مجموعي طور تي 450 پوليس آفيسرن ۽ اهلڪارن کي مقرر ڪيو ويو آهي. ضلعي پوليس پاران واضع ڪيو ويو آهي ته چونڊن دوران هر صورت ۾ امن امان کي برقرار رکيو ويندو، موبائيل پيٽرولنگ سان گڏ ريپڊ ريسپانس فورس به هر وقت تيار رهندو ته جيئن ڪنهن به هنگامي صورتحال ۾ فوري ڪارروائي ڪري سگهجي. ايس ايس پي حيدرآباد عوام کي اپيل ڪئي آهي ته اهي پر امن رهن ۽ پنهنجي ووٽ جي حق کي آزاداڻي طور ۽ پر امن ماحول ۾ استعمال ڪن.