اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ پاران سينئر صحافي مظهر اقبال جي روڊ حادثي ۾ لاڏاڻي تي ڏک جو اظهار

اسلام آباد-23 سيپٽمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ سينئر صحافي مظهر اقبال جي روڊ حادثي ۾ لاڏاڻي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. مرحوم جي خاندان سان دلي تعزيت ۽ همدردي جو اظهار ڪندي اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ چيو ته مظهر اقبال صحافت جي آزادي ۽ جمهوري قدرن جي فروغ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. …

اسلام آباد-23 سيپٽمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ سينئر صحافي مظهر اقبال جي روڊ حادثي ۾ لاڏاڻي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. مرحوم جي خاندان سان دلي تعزيت ۽ همدردي جو اظهار ڪندي اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ چيو ته مظهر اقبال صحافت جي آزادي ۽ جمهوري قدرن جي فروغ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. هو صحافت جي معيار ۽ اصولن تي ڪڏهن به ٺاهه نه ڪندڙ صحافي طور سُڃاتو ويندو هو. هن چيو ته مظهر اقبال جي لاڏاڻي سان صحافت جي شعبي ۾ پيدا ٿيل خال گهڻي وقت تائين ڀرجي نه سگهندو. وفاقي وزير دعا ڪئي ته الله تعاليٰ مرحوم کي پنهنجي رحمت ۾ اعليٰ مقام عطا ڪري ۽ سوڳوار خاندان کي صبر ۽ جميل عطا فرمائي.