اسلام آباد-22 سيپٽمبر (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني چيو آهي ته پاڪستان آسٽريليا سان پنهنجن لاڳاپن کي قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿو. پارلياماني دوستي گروپس کي وڌيڪ فعال بڻايو وڃي، پارلياماني وفدن جي مٽاسٽا سان ٻنهي ملڪن وچ ۾ گڏيل هم آهنگي ۽ خيرسگاليءَ کي هٿي ملندي. ڪالهه سينيٽ سيڪريٽريٽ مان جاري بيان موجب اهڙو اظهار هن آسٽريليا جي هاءِ ڪمشنر نيل هاڪنز سان ملاقات …
سينيٽ چيئرمين سان آسٽريلوي هاءِ ڪمشنر جي ملاقات

مزید خبریں
اسلام آباد-22 سيپٽمبر (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني چيو آهي ته پاڪستان آسٽريليا سان پنهنجن لاڳاپن کي قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿو. پارلياماني دوستي گروپس کي وڌيڪ فعال بڻايو وڃي، پارلياماني وفدن جي مٽاسٽا سان ٻنهي ملڪن وچ ۾ گڏيل هم آهنگي ۽ خيرسگاليءَ کي هٿي ملندي. ڪالهه سينيٽ سيڪريٽريٽ مان جاري بيان موجب اهڙو اظهار هن آسٽريليا جي هاءِ ڪمشنر نيل هاڪنز سان ملاقات دوران ڪيو، جنهن ساڻس ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ ٻه طرفن ناتن کي وڌيڪ وڌائڻ ۽ مختلف شعبن ۾ نوان موقعا تلاش ڪرڻ تي تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ان موقعي تي واپار، تعليم، دفاع، پارلياماني تعاون، ثقافتي مٽاسٽا، موسمياتي تبديلي ۽ عوامي سطح تي رابطن جهڙا اهم موضوع غور هيٺ آيا. سينيٽ چيئرمين چيو ته پاڪستان آسٽريليا سان پنهنجن ناتن کي قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿو. هن ٻنهي ملڪن جي تاريخي ناتن کي اجاگر ڪندي چيو ته ٻنهي ملڪن وچ ۾ 1948ع ۾ سفارتي ناتا قائم ٿيا هئا جيڪي وقت سان گڏوگڏ وڌيڪ مستحڪم ٿيا آهن. هن چيو ته پاڪستان ۽ آسٽريليا جمهوري قدرن ۽ ٻه ايواني پارلياماني نظام جي گڏيل روايتن جو حامل آهي جيڪو وڌيڪ ويجهي تعاون جا بنياد فراهم ڪري ٿو. يوسف رضا گيلاني عهدو ڇڏيندڙ آسٽريلوي هاءِ ڪمشنر جي خدمتن کي ساراهيو. خاص طور تي تعليم، ثقافتي رابطن ۽ ترقياتي پروگرامن کي هٿي ڏيڻ ۾ سندس ڪوششن کي خراجِ تحسين پيش ڪيو. هن زور ڀريو ته پارلياماني دوستي گروپس کي وڌيڪ فعال بڻايو وڃي. پارلياماني وفدن جي باقائده مٽاسٽا سان ٻنهي ملڪن وچ ۾ گڏيل هم آهنگي ۽ خيرسگاليءَ کي هٿي ملندي. واپاري ۽ معاشي تعاون تي ڳالهائيندي سينيٽ چيئرمين چيو ته پاڪستان ۽ آسٽريليا وچ ۾ موجود ٻه طرفو واپاري ڳاڻيٽو 2.5 ارب ڊالر آهي جنهن ۾ نمايان واڌ جي گنجائش موجود آهي. هن زراعت، تجديد جوڳي توانائي، معدني وسيلن ۽ آءِ ٽي جي شعبن ۾ تعاون وڌائڻ جي تجويز ڏني. سيد يوسف رضا گيلاني چيو ته پاڪستان پنهنجي روانگي واپار خاص ڪري ٽيڪسٽائل، سرجيڪل اوزار، آءِ ٽي سروسز ۽ فوڊ پراڊڪٽس جي شعبن کي وڌائڻ جو خواهشمند آهي. ان موقعي تي هن ٻنهي ملڪن جي صنعتن ۽ تجارت واري ايوان ۽ نجي شعبي وچ ۾ گڏيل فورم جي قيام جي تجويز پڻ پيش ڪئي. دفاعي شعبي ۾ تعاون تي زور ڀريندي سينيٽ چيئرمين چيو ته پاڪستان ۽ آسٽريليا وچ ۾ دفاعي رابطن کي وڌيڪ هٿي ڏيڻ گهرجي. هن پاڪستان جي لاءِ آسٽريليا جي ترقياتي معاونت کي به ساراهيو. موسمياتي تبديليءَ جي حوالي سان ڳالهائيندي هن چيو ته پاڪستان دنيا جي انهن ملڪن ۾ شامل آهي جيڪي سڀ کان وڌيڪ ماحولياتي خطرن ۾ ورتل آهن، هاڻوڪيون تباهي پکيڙيندڙ برساتون ۽ ٻوڏ ان جا واضح ثبوت آهن. هن گڏيل حڪمت عملي ۽ عالمي تعاون تي زور ڀريو ته جيئن ان چئلينجز جو مقابلو ڪري سگهجي. ان موقعي تي سينيٽ چيئرمين آسٽريلوي هاءِ ڪمشنر کي آئينده بين الپارلياماني اسپيڪرز ڪانفرنس جي باري ۾ بريفنگ ڏني جيڪو هلندڙ سال نومبر ۾ منعقد ٿيندو. هن آسٽريلوي پارلياماني قيادت کي ان ڪانفرنس ۾ شرڪت جي باضابطه دعوت ڏني ۽ چيو ته سندس ڪانفرنس ۾ شرڪت نهايت اهم هوندي. ڪانفرنس جي سفير ۽ چيئرمين سينيٽ جي صلاحڪار مصباح کر هاءِ ڪمشنر کي ڪانفرنس جي موضوع ۽ ان جي مجموعي هدفن کان آگاهه ڪيو. ملاقات جي پڄاڻيءَ تي ٻنهي اڳواڻن ٻنهي ملڪن جي ناتن کي وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ، عالمي ۽ علائقائي امن لاءِ گڏيل ڪوششون جاري رکڻ جي عزم جو اظهار ڪيو.











