سپريم ڪورٽ جي آئيني بينچ ۾ ٻُڌڻيءَ هيٺ سپر ٽيڪس بابت درخواستن تي ٻُڌڻي اڱاري تائين ملتوي

اسلام آباد-22 سيپٽمبر (اي پي پي) سپريم ڪورٽ جي آئيني بينچ ۾ ٻُڌڻيءَ هيٺ سپر ٽيڪس بابت درخواستن تي ٻُڌڻي اڱاري تائين ملتوي ڪئي وئي. سپر ٽيڪس بابت درخواستن جي ٻُڌڻي ڪالهه جسٽس امين الدين جي سربراهيءَ ۾ 5 رڪني آئيني بينچ ڪئي. درخواستگذارن جي وڪيل احمد سکيرا دليلن جي شروعات ڪئي. جسٽس حسن اظهر رضوي ريمارڪس ڏنا ته پيٽرول جي قيمت 150 کان 200 رپيا ٿي وڃي ته ڇا …

اسلام آباد-22 سيپٽمبر (اي پي پي) سپريم ڪورٽ جي آئيني بينچ ۾ ٻُڌڻيءَ هيٺ سپر ٽيڪس بابت درخواستن تي ٻُڌڻي اڱاري تائين ملتوي ڪئي وئي. سپر ٽيڪس بابت درخواستن جي ٻُڌڻي ڪالهه جسٽس امين الدين جي سربراهيءَ ۾ 5 رڪني آئيني بينچ ڪئي. درخواستگذارن جي وڪيل احمد سکيرا دليلن جي شروعات ڪئي. جسٽس حسن اظهر رضوي ريمارڪس ڏنا ته پيٽرول جي قيمت 150 کان 200 رپيا ٿي وڃي ته ڇا ونڊ فال پرافٽ ٿيندو، کنڊ جي قيمت 160 کان 170 رپيا ٿي وڃي ته ڇا پوءِ به ونڊ فال پرافٽ ٿيندو. جسٽس جمال خان مندوخيل چيو ته اوهان اهو چئي پئي سگهيا ته ڪنهن تي ڪيترو ٽيڪس لڳڻ گهرجي. احمد سکيرا جواب ڏنو ته ان جي پاليسي بيان ۾ تضاد آهي. جسٽس محمدعلي مظهر چيو ته مالب هي آهي ته اوهان صرف تناسب کان خوش نه آهيو. وڪيل احمد سکيرا ٻُڌايو ته ونڊ فال پرافٽ پاليسي سبب ٿي رهيو آهي جيڪڏهن ٽي چار ماڻهو فائدي ۾ آهن، اڪثريت نقصان برداشت ڪري رهي آهي ته ٽيڪس ڪيئن لڳندو، انڪم ٽيڪس ۾ بنيادي حق شامل ناهن، ان حوالي سان منهنجو آرٽيڪل 10 تي ڀاڙڻ آهي. جسٽس محمدعلي مظهر ريمارڪس ڏنا ته آرٽيڪل 10 اي فيئر ٽرائل جي باري ۾ آهي، ٽيڪس سان ان جو ڪهڙو تعلق آهي. احمد سکيرا جواب ڏنو ته ٽيڪس ۾ عوامي ٻُڌڻيءَ جو حق هئڻ گهرجي. جسٽس محمدعلي مظهر چيو ته ڪجهه شيون آهن جيڪي ميونسپل ٽيڪس ۾ آهن، انڪم ٽيڪس جي حوالي سان قانون ۾ عوامي ٻُڌڻي جي ڪابه شرط ناهي. وڪيل چيو ته فيئر ٽرائل هڪ ڌار حق آهي. جسٽس جمال خان مندوخيل ريمارڪس ڏنا ته ٽيڪس لاڳو ڪرڻ جو طريقيڪار ڇا آهي. جسٽس محمدعلي مظهر پُڇاڻو ڪيو ته ان ڪيس ۾ ڊيو پراسس جي ڀڃڪڙي ڪٿي آهي. وڪيل جواب ڏنو ته هي انٽري 47 جي به ڀڃڪڙي آهي. بعد ۾ سپر ٽيڪس بابت درخواستن جي ٻُڌڻي (اڄ) تائين ملتوي ڪئي وئي. وڪيل 23 سيپٽمبر تي به دليل جاري رکندو.