ريلوي واري وفاقي وزير سان آمريڪي ناظم الامور جي ملاقات، حصيداري ۽ سيڙپڪاري جي موقعن تي خيالن جي ڏي وٺ

اسلام آباد-22سيپٽمبر (اي پي پي) ريلوي واري وفاقي وزير محمد حنيف عباسي سان آمريڪي ناظم الامور نيٽلي اي بيڪر ملاقات ڪئي، جنهن ۾ حصيداري،  سيڙپڪاري ۽ روزگار جي موقعن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. ملاقات ۾ نيٽلي اي بيڪر کي پاڪستان ريلوي ذريعي علائقائي رابطن کي هٿي ڏيڻ تي تفصيلي بريفنگ ڏني وئي. ان موقعي تي وفاقي وزير محمد حنيف عباسي چيو ته نئين حصيداري سيڙپڪاري ۽ روزگار جا موقعا …

اسلام آباد-22سيپٽمبر (اي پي پي) ريلوي واري وفاقي وزير محمد حنيف عباسي سان آمريڪي ناظم الامور نيٽلي اي بيڪر ملاقات ڪئي، جنهن ۾ حصيداري،  سيڙپڪاري ۽ روزگار جي موقعن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. ملاقات ۾ نيٽلي اي بيڪر کي پاڪستان ريلوي ذريعي علائقائي رابطن کي هٿي ڏيڻ تي تفصيلي بريفنگ ڏني وئي. ان موقعي تي وفاقي وزير محمد حنيف عباسي چيو ته نئين حصيداري سيڙپڪاري ۽ روزگار جا موقعا پيدا ڪندي. آمريڪي ناظم الامور، پاڪستان ريلوي جي اسٽريٽجڪ اهميت تي اتفاق ڪيو. آمريڪي ناظم الامور، پاڪستان ريلوي سان سهڪار ۾ دلچسپي ظاهر ڪئي. وفاقي وزير محمد حنيف عباسي چيو ته ريلوي شعبي ۾ حصيداري سان ٻطرفا لاڳاپا وڌيڪ مستحڪم ٿيندا. آمريڪي ناظم الامور جو چوڻ هو ته ريلوي جي ڪاميابي سان ملڪي معيشت کي به هٿي ملندي. ريلوي واري وزير، نيٽلي اي بيڪر کي ٻڌايو ته پاڪستان ريلوي ۾ سمورا ترقياتي قدم وزيراعظم جي ويزن تحت ڪيا پيا وڃن.  پاڪستان ريلوي ۾ جديد ڊجيٽائزيشن جو عمل شروع ڪيو ويو آهي. ريلوي ۽ ويسٽ مينيجمينٽ ڪمپينن سان معاهدا طئي ٿيا آهن، ريلوي اسٽيشنن جي صفائي سٿرائي لاءِ موثر قدم کنيا ويا، وڏين ريلوي اسٽيشنن تي ايگزيڪيو ٽو لائونچز ۽ جديد ويٽنگ ايرياز، ايسڪليٽر، جديد مانيٽرنگ سسٽم قائم ڪيا پيا وڃن. 40 وڏين ريلوي اسٽيشنز تي مسافرن لاءِ مفت وائي فائي جي سهولت ڏني پئي وڃي. آمريڪي ناظم الامور نيٽلي اي بيڪر، پاڪستان ريلوي جي سڌاارن وارين ڪوششن کي ساراهيو.