اسلام آباد-22 سيپٽمبر (اي پي پي) واپڊا ملڪي دريائن ۽ آبي ذخيرن ۾ پاڻي جي آمد ۽ ڇوڙ جا انگ اکر جاري ڪيا آهن. جاري ڪيل انگن اکرن مطابق سنڌو درياهه ۾ تربيلا وٽ پاڻي جو مٿانهون وهڪرو 1 لک هڪ هزار 400 ڪيوسڪ ۽ هيٺانهون وهڪرو 1 لک هڪ هزار ڪيوسڪ، ڪابل درياهه ۾ نوشهره وٽ پاڻي جو مٿانهون وهڪرو 19 هزار 400 ڪيوسڪ ۽ هيٺانهون وهڪرو 19 هزار 400 …
دريائن ۽ آبي ذخيرن ۾ پاڻي جي آمد ۽ ڇوڙ جي صورتحال جا انگ اکر
اسلام آباد-22 سيپٽمبر (اي پي پي) واپڊا ملڪي دريائن ۽ آبي ذخيرن ۾ پاڻي جي آمد ۽ ڇوڙ جا انگ اکر جاري ڪيا آهن. جاري ڪيل انگن اکرن مطابق سنڌو درياهه ۾ تربيلا وٽ پاڻي جو مٿانهون وهڪرو 1 لک هڪ هزار 400 ڪيوسڪ ۽ هيٺانهون وهڪرو 1 لک هڪ هزار ڪيوسڪ، ڪابل درياهه ۾ نوشهره وٽ پاڻي جو مٿانهون وهڪرو 19 هزار 400 ڪيوسڪ ۽ هيٺانهون وهڪرو 19 هزار 400 ڪيوسڪ، خيرآباد پل تي پاڻي جو مٿانهون وهڪرو 79هزار 600 ڪيوسڪ ۽ 79 هزار 600 ڪيوسڪ، جهلم درياهه ۾ منگلا وٽ پاڻي جو مٿانهون وهڪرو 18 هزار 800 ڪيوسڪ ۽ هيٺانهون وهڪرو 9 هزار ڪيوسڪ، چناب درياهه ۾ مراله وٽ پاڻي جو مٿانهون وهڪرو 50 هزار 600 ڪيوسڪ ۽ هيٺانهون وهڪرو 39 هزار 900 ڪيوسڪ رڪارڊ ڪيو ويو. بئراجن جي صورتحال مطابق گڊو بئراج وٽ پاڻي جو مٿانهون وهڪرو 2 لک 60 هزار 300 ڪيوسڪ ۽ هيٺانهون وهڪرو 2 لک 31 هزار 500 ڪيوسڪ، سکر بئراج وٽ پاڻي جو مٿانهون وهڪرو 2 لک 61 هزار 600 ڪيوسڪ ۽ هيٺانهون وهڪرو 2 لک 6 هزار 400 ڪيوسڪ، ڪوٽڙي بئراج وٽ پاڻي جو مٿانهون وهڪرو 3 لک 64 هزار ڪيوسڪ ۽ هيٺانهون وهڪرو 3 لک 39 هزار 500 ڪيوسڪ رڪارڊ ڪيو ويو. آبي ذخيرن جي صورتحال مطابق تربيلا ڊيم جو گهٽ ۾ گهٽ آپريٽنگ ليول 1402 فوٽ، ڊيم ۾ پاڻي جي موجوده سطح 1550.00 فوٽ ۽ ڊيم ۾ پاڻي ذخيرو ڪرڻ جي انتهائي سطح 1550 فوٽ، استعمال جوڳي پاڻي جو ذخيرو 5.728 ملين ايڪڙ فوٽ، منگلا ڊيم جو گهٽ ۾ گهٽ آپريٽنگ ليول 1050 فوٽ، ڊيم ۾ پاڻي جي موجوده سطح 1239.75 فوٽ، ڊيم ۾ پاڻي ذخيرو ڪرڻ جي انتهائي سطح 1242 فوٽ ۽ استعمال جوڳي پاڻي جو ذخيرو 7.094 ملين ايڪڙ فوٽ، چشمه بئراج جو گهٽ ۾ گهٽ آپريٽنگ ليول 638.15 فوٽ، پاڻي جي موجوده سطح 649.00 فوٽ بئراج ۾ پاڻي ذخيرو ڪرڻ جي انتهائي سطح 649 فوٽ ۽ استعمال جوڳي پاڻي جو ذخيرو 0.311 ملين ايڪڙ فوٽ آهي.











