ماحول کي صاف رکڻ اسان سڀني جي گڏيل ذميواري آهي، سنڌ جي سامونڊي پٽي کي گدلاڻ کان بچائڻ حڪومت جي اهم ترجيح آهي: وڏو وزير سيد مراد علي شاهه

ڪراچي-20 سيپٽمبر (اي پي پي) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه صفائي جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ ماحولياتي صفائي جي اهميت کي اجاڳر ڪندي چيو آهي ته ماحول کي صاف رکڻ اسان سڀني جي گڏيل ذميواري آهي جڏهن ته سنڌ جي سامونڊي پٽي کي گدلاڻ کان بچائڻ حڪومت جي اهم ترجيح آهي. وڏي وزير چيو ته سامونڊي گدلاڻ سڄي دنيا لاءِ وڏو خطرو آهي …

ڪراچي-20 سيپٽمبر (اي پي پي) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه صفائي جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ ماحولياتي صفائي جي اهميت کي اجاڳر ڪندي چيو آهي ته ماحول کي صاف رکڻ اسان سڀني جي گڏيل ذميواري آهي جڏهن ته سنڌ جي سامونڊي پٽي کي گدلاڻ کان بچائڻ حڪومت جي اهم ترجيح آهي. وڏي وزير چيو ته سامونڊي گدلاڻ سڄي دنيا لاءِ وڏو خطرو آهي تنهنڪري ڪراچي ۽ ٻين سامونڊي شهرن کي صاف رکڻ عالمي اهميت رکي ٿو. هن چيو ته عوام جي سهڪار کان سواءِ صاف ۽ صحتمند ماحول قائم نٿو ٿي سگهي. وڏي وزير چيو صاف ماحول، صحتمند زندگي لاءِ لازمي آهي. ورلڊ ڪلين اپ ڊي جي موقعي تي سنڌ حڪومت پلاسٽڪ جي استعمال ۾ گهٽتائي جي عزم کي ٻيهر ورجايو. وڏي وزير چيو ته صحتمند ماحول، صاف سامونڊي ڪنارو ۽ پائيدار مستقبل ئي حقيقي ترقي جي ضمانت آهي. سيد مراد علي شاهه عوام کي اپيل ڪئي ته هو پنهنجا شهر ۽ ڳوٺ ڪچري کان پاڪ ڪرڻ لاءِ اڳتي اچن، وڻڪاري مهم ۾ حصو وٺن ۽ فضول خرچي گهٽائڻ ۾ سهڪار ڪن. وڏي وزير پنهنجي پيغام جي پڄاڻي ۾ چيو تھ اسان سنڌ کي وڌيڪ سائو ۽ صحتمند بڻائڻ جي پنهنجي عزم کي ورجايون ٿا.