ڪراچي-20 سيپٽمبر (اي پي پي)سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه سکر جي علائقي روهڙي ۾ اٺ جي ٽنگ ڪٽڻ واري ڏکوئيندڙ واقعي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي چيو آهي ته هي عمل ناقابلِ برداشت آهي. وڏي وزير سکر پوليس کي هدايت ڪئي ته جوابدارن کي فوري گرفتار ڪري عبرتناڪ سزا ڏني وڃي. وزير اعليٰ هائوس مان جاري ڪيل پريس رليز موجب وڏي وزير جي هدايت تي سکر …
سنڌ جي وڏي وزير پاران روهڙي ۾ اٺ جي ٽنگ ڪٽڻ واري ڏکوئيندڙ واقعي جي سخت لفظن ۾ مذمت

مزید خبریں
ڪراچي-20 سيپٽمبر (اي پي پي)سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه سکر جي علائقي روهڙي ۾ اٺ جي ٽنگ ڪٽڻ واري ڏکوئيندڙ واقعي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي چيو آهي ته هي عمل ناقابلِ برداشت آهي. وڏي وزير سکر پوليس کي هدايت ڪئي ته جوابدارن کي فوري گرفتار ڪري عبرتناڪ سزا ڏني وڃي. وزير اعليٰ هائوس مان جاري ڪيل پريس رليز موجب وڏي وزير جي هدايت تي سکر پوليس تڪڙي ڪارروائي ڪندي ٽن مان ٻه جوابدار گرفتار ڪيا آهن. پهريون جوابدار قربان بروهي ڇنڇر ڏينهن صبح جو سوير پڪڙيو ويو جڏهن ته ٻي جوابدار رسول بخش شيخ کي ايس ايڇ او ڪنڌرا هڪ ڇاپي دوران ڳجهي اطلاع تي گرفتار ڪيو. ٽئين جوابدار جي گرفتاري لاءِ مختلف علائقن ۾ ڇاپا هنيا پيا وڃن. ٻئي پاسي زخمي اٺ کي روهڙي ۾ ويٽرنري اسپتال ۾ علاج مهيا ڪيو پيو وڃي جنهن جي نگراني ضلعي ڪائونسل جو چيئرمين سيد ڪميل حيدر شاهه ڪري رهيو آهي جيڪو وڏي وزير کي تفصيلي رپورٽ پڻ جمع ڪرائي چڪو آهي. سنڌ حڪومت يقين ڏياريو آهي ته اٺ کي بهترين طبي سهولتون فراهم ڪيون وينديون ۽ ضرورت پوڻ تي خاص علاج لاءِ ڪراچي منتقل ڪيو ويندو. اٺ جي مالڪ محمد امين سنڌ حڪومت، وڏي وزير مراد علي شاهه ۽ چيئرمين ڪميل حيدر شاهه جو فوري سهڪار ۽ جانور جي جان بچائڻ جي ڪوششن تي شڪريو ادا ڪيو.وڏي وزير پنهنجي بيان ۾ چيو ته سنڌ ۾ جانورن تي ظلم ڪنهن به صورت ۾ برداشت نه ڪيو ويندو ۽ اهڙن ڏوهن ۾ ملوث ماڻهن کي قانون مطابق سخت سزا ڏني ويندي.









