شنگھائي -18 سيپٽمبر (اي پي پي) سنڌ جي سينيئر صوبائي وزير اطلاعات، ٽرانسپورٽ ۽ ماس ٽرانزٽ شرجيل انعام ميمڻ ۽ توانائي، رٿابندي ۽ ترقيءَ واري صوبائي وزير سيد ناصر حسين شاهه سان چيني اليڪٽرڪ چارجنگ ڪمپني اي اي آٽو جي عملدارن شنگھائي (چين) ۾ ملاقات ڪئي. سنڌ جي اطلاعات کاتي مطابق ملاقات دوران صوبي ۾ اليڪٽرڪ گاڏين لاءِ چارجنگ اسٽيشنز قائم ڪرڻ بابت تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي …
صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ ۽ ناصر شاهه سان چيني اليڪٽرڪ چارجنگ ڪمپني اي اي آٽو جي عملدارن جي شنگهائي ۾ ملاقات
شنگھائي -18 سيپٽمبر (اي پي پي) سنڌ جي سينيئر صوبائي وزير اطلاعات، ٽرانسپورٽ ۽ ماس ٽرانزٽ شرجيل انعام ميمڻ ۽ توانائي، رٿابندي ۽ ترقيءَ واري صوبائي وزير سيد ناصر حسين شاهه سان چيني اليڪٽرڪ چارجنگ ڪمپني اي اي آٽو جي عملدارن شنگھائي (چين) ۾ ملاقات ڪئي. سنڌ جي اطلاعات کاتي مطابق ملاقات دوران صوبي ۾ اليڪٽرڪ گاڏين لاءِ چارجنگ اسٽيشنز قائم ڪرڻ بابت تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي . ڪمپني عملدارن سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ ۽ سيد ناصر حسين شاهه کي جديد چارجنگ ٽيڪنالاجي بابت بريفنگ ڏني. سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ ڪمپني عملدارن کي سنڌ جي شهري ۽ ڳوٺاڻن علائقن ۾ چارجنگ پوائنٽس جو وسيع نيٽورڪ قائم ڪرڻ واري پنهنجي منصوبي بابت آگاهي ڏني. هن چيو ته ٽرانسپورٽ جو مستقبل صاف توانائي ۽ اليڪٽرڪ گاڏين سان جڙيل آهي، سنڌ ان تبديلي ۾ پوئتي نه رهندي. صوبي ۾ اليڪٽرڪ گاڏين جا چارجنگ اسٽيشنز قائم ڪرڻ ماحولياتي تحفظ لاءِ اهم قدم آهي. سينيئر وزير وڌيڪ چيو ته سنڌ حڪومت متبادل توانائي جي شعبي ۾ سيڙپ ڪندڙ ڪمپنين کي هر ممڪن سهولتون ۽ سهڪار فراهم ڪندي. اسان جو مقصد فوسل فيول تي ڀاڙڻ گهٽ ڪرڻ، هوا ۾ گدلاڻ گهٽائڻ ۽ گرين ٽيڪنالاجي وسيلي معيشت ۾ نوان موقعا پيدا ڪرڻ آهي. ملاقات جي موقعي تي سيد ناصر حسين شاهه چيو ته توانائي ۽ ٽرانسپورٽ اڄ جي دنيا ۾ هڪ ٻئي سان ڳنڍيل شعبا آهن. سنڌ اڳ ئي تجديد جوڳي توانائي جي ميدان ۾ اهم قدم کنيا آهن، هاڻ اليڪٽرڪ موبيلٽي ايندڙ اهم قدم آهي. هن وڌيڪ چيو ته اليڪٽرڪ گاڏين سان نه رڳو روايتي ٻارڻ تي دٻاءُ گهٽبو پر موسمياتي تبديلي جي چئلينج کي منهن ڏيڻ ۾ به مدد ملندي.











