سنڌ جي وڏي وزير پاران سنڌو درياءَ تي گھوٽڪي-ڪنڌڪوٽ پل منصوبي تي ٻوڏ ۽ ٻين مسئلن سبب معطل ٿيل تعميراتي ڪم ٻيهر شروع ڪرڻ جو حڪم

ڪراچي-18 سيپٽمبر (اي پي پي) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه سنڌو درياءَ تي گھوٽڪي-ڪنڌڪوٽ پل منصوبي تي ٻوڏ ۽ ٻين مسئلن سبب معطل ٿيل تعميراتي ڪم ٻيهر شروع ڪرڻ جا حڪم جاري ڪري ڇڏيا آهن، اهڙا حڪم هن سي ايم هائوس ۾ منصوبي جي اڳڀرائي بابت اعليٰ سطحي اجلاس جي صدارت دوران جاري ڪيا. وڏي وزير چيو ته مان نومبر ۾ ذاتي طور پل جي سائيٽ جو …

ڪراچي-18 سيپٽمبر (اي پي پي) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه سنڌو درياءَ تي گھوٽڪي-ڪنڌڪوٽ پل منصوبي تي ٻوڏ ۽ ٻين مسئلن سبب معطل ٿيل تعميراتي ڪم ٻيهر شروع ڪرڻ جا حڪم جاري ڪري ڇڏيا آهن، اهڙا حڪم هن سي ايم هائوس ۾ منصوبي جي اڳڀرائي بابت اعليٰ سطحي اجلاس جي صدارت دوران جاري ڪيا. وڏي وزير چيو ته مان نومبر ۾ ذاتي طور پل جي سائيٽ جو دورو ڪندس ۽ لاڳاپيل وزير کي هدايت ٿو ڏيان ته منصوبي جي اڳڀرائي جو لڳاتار جائزو وٺندو رهي جيئن هي منصوبو اڍائي ورهين جي اندر مڪمل ٿي سگهي. اجلاس دوران بريفنگ ۾ وڏي وزير کي ٻڌايو ويو ته گھوٽڪي-ڪنڌڪوٽ پل سنڌو درياءَ  تي سڀ کان ڊگهي پل هوندي جنهن جي ڊيگهه 12.15 ڪلوميٽر هوندي جڏهن ته گھوٽڪي طرف 10.40 ڪلوميٽر ۽ ڪنڌڪوٽ طرف 8.10 ڪلوميٽر ڊگها اپروچ روڊ تعمير ٿي رهيا آهن. منصوبي ۾ 4.548 ڪلوميٽر ڊگهو ٺل لنڪ روڊ به شامل آهي. ورڪس کاتي اجلاس کي آگاهي ڏيندي ٻڌايو ته گھوٽڪي ۽ ڪنڌڪوٽ جا اپروچ روڊ ۽ ٺل لنڪ روڊ مڪمل ٿي ويا آهن. اهڙي طرح جري واھ، گھوٽا فيڊر ڪينال ۽ ٽبي مائنر تي ٽي پل به تعمير ٿي ويا آهن. پل جا 38 پائپ ڪلورٽ مڪمل ٿي ويا آهن. جڏهن ته 732 مان 379 پائلز جو ڪم به مڪمل ٿي ويو آهي، پر درياءَ ۾ سخت ٻوڏ جي وهڪرن سبب تعميراتي سرگرميون معطل آهن. وڏي وزير ورڪس کاتي کي هدايت ڪئي ته نومبر ۾ ٻوڏ جي پاڻي لهڻ کان پوءِ تعميراتي ڪم ٻيهر وڏي پيماني تي شروع ڪيو وڃي.  هن گھرو وزير کي به هدايت ڪئي ته نومبر کان پل واري سائيٽ تي سخت سيڪيورٽي يقيني بڻائي وڃي. سيد مراد علي شاهه چيو ته هي پل رڳو هڪ انجنيئرنگ جو ڪارنامو نه پر پاڪستان جي معيشت، علائقائي رابطن ۽ عوامي سهولتن لاءِ هڪ سنگ ميل ثابت ٿيندو. هن وڌيڪ چيو ته هي پل سنڌ، پنجاب ۽ بلوچستان کي ڳنڍيندڙ اهم رابطو فراهم ڪندي. هي منصوبو ورڪس کاتي جي ماتحت جاري آهي ۽ اميد آهي ته علائقي ۾ واپار، ٽرانسپورٽ ۽ سماجي، اقتصادي سرگرمين ۾ نئون انقلاب آڻيندو. اجلاس ۾ صوبائي وزير ضياءُالحسن لنجار، حاجي علي حسن زرداري، وڏي وزير جو خاص مددگار سيد قاسم نويد، چيف سيڪريٽري آصف حيدر شاهه، آءِ جي پوليس غلام نبي ميمڻ، گھرو سيڪريٽري اقبال ميمڻ، وڏي وزير جو پرنسپل سيڪريٽري آغا واصف، سيڪريٽري ورڪس نواز سوهو، سيڪريٽري ٽرانسپورٽ اسد ضامن ۽ ٻيا اعليٰ عملدار شريڪ ٿيا.