لاڙڪاڻو-18 سيپٽمبر (اي پي پي) لاڙڪاڻي جي عدالت جعلي چيڪ ڏيڻ واري ڪيس ۾ ڏوهه ثابت ٿيڻ تي جوابدار کي ڏيڍ سال قيد ۽ 10 هزار روپيا ڏنڊ جي سزا ٻڌائي ڇڏي. لاڙڪاڻي جي سيڪنڊ سول جج اينڊ جڊيشل مئجسٽريٽ جي عدالت ۾ سال 2023ع دوران حيدري ٿاڻي تي داخل جعلي چيڪ واري ڪيس جي ٻڌڻي ٿي جتي ڏوهه ثابت ٿيڻ تي عدالت جوابدار ممتاز بروهي کي ڏيڍ سال قيد …
لاڙڪاڻي ۾ ڪوڙو چيڪ ڏيڻ جو ڏوهه ثابت ٿيڻ تي جوابدار کي ڏيڍ سال قيد، 10 هزار ڏنڊ جي سزا
لاڙڪاڻو-18 سيپٽمبر (اي پي پي) لاڙڪاڻي جي عدالت جعلي چيڪ ڏيڻ واري ڪيس ۾ ڏوهه ثابت ٿيڻ تي جوابدار کي ڏيڍ سال قيد ۽ 10 هزار روپيا ڏنڊ جي سزا ٻڌائي ڇڏي. لاڙڪاڻي جي سيڪنڊ سول جج اينڊ جڊيشل مئجسٽريٽ جي عدالت ۾ سال 2023ع دوران حيدري ٿاڻي تي داخل جعلي چيڪ واري ڪيس جي ٻڌڻي ٿي جتي ڏوهه ثابت ٿيڻ تي عدالت جوابدار ممتاز بروهي کي ڏيڍ سال قيد ۽ 10 هزار روپيا ڏنڊ جي سزا ٻڌائي ڇڏي. واضح رهي ته سال 2023ع دوران لاڙڪاڻي شهر جي غيبي خان چانڊيو پاڙي جي رهواسي غلام علي بروهي حيدري ٿاڻي تي رحمت پور پاڙي جي رهواسي ممتاز علي بروهي مٿان جعلي چيڪ ڏيڻ جو ڪيس داخل ڪرائيندي موقف اختيار ڪيو هو ته ممتاز علي بروهي سندس وٽان ڪاروبار لاءِ 17 لک بئنڪ چيڪ جي صورت ورتا ۽ پئسا واپس ڪرائڻ لاءِ 2 بينڪ چيڪ ڏنا جڏهن آئُون چيڪ ڪيش ڪرائڻ لاءِ بينڪ ويس ته سندس اڪائونٽ ۾ پئسا نه هئا.











