سنڌ جي وڏي وزير پاران زرعي ايمرجنسي لاڳو نه ٿيڻ جي صورت ۾ ڊسمبر ۽ جنوري کانپوءِ ملڪ ۾ ڪڻڪ جي کوٽ جو خدشو ظاهر

ڪراچي-17 سيپٽمبر (اي پي پي ) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته جيڪڏهن زرعي ايمرجنسي نه لڳائي وئي ته ڊسمبر ۽ جنوري کانپوءِ ملڪ کي ڪڻڪ جي کوٽ جو منهن ڏسڻو پئجي سگهي ٿو، سنڌ حڪومت ٻوڏ متاثر آبادگارن جي مڪمل مدد ڪري رهي آهي، ساڳي وقت امن امان جي بحالي ۽ خاص ماڻهن جي شموليت جي واڌاري لاءِ به پرعزم آهي. وڏي وزير اها ڳالهه …

ڪراچي-17 سيپٽمبر (اي پي پي ) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته جيڪڏهن زرعي ايمرجنسي نه لڳائي وئي ته ڊسمبر ۽ جنوري کانپوءِ ملڪ کي ڪڻڪ جي کوٽ جو منهن ڏسڻو پئجي سگهي ٿو، سنڌ حڪومت ٻوڏ متاثر آبادگارن جي مڪمل مدد ڪري رهي آهي، ساڳي وقت امن امان جي بحالي ۽ خاص ماڻهن جي شموليت جي واڌاري لاءِ به پرعزم آهي. وڏي وزير اها ڳالهه ڪورنگي ۾ قائم ڪيل سينٽر آف ايڪسيلينس فار ڊس ايبليٽي انڪلوزن جي افتتاح جي موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪئي. وڏي وزير خبردار ڪيو ته جيڪڏهن زرعي ايمرجنسي لاڳو نه ٿي ته ڊسمبر ۽ جنوري کانپوءِ ملڪ کي ڪڻڪ جي کوٽ جو منهن ڏسڻو پئجي سگهي ٿو. وڏي وزير چيو ته هي مرڪز سنڌ حڪومت جي معذورن واري بحالي کاتي پاران  معذورن جي حقن لاءِ ڪم ڪندڙ اين جي او”(نائو پي ڊي پي)نائو پاڪستان ڊس ايبليٽي پروگرام” جي سهڪار سان قائم ڪيو ويو آهي. وڏي وزير ياد ڏياريو ته پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري وڏي پيماني تي ٻوڏ نقصانن کانپوءِ زرعي ايمرجنسي لاڳو ڪرڻ جو مطالبو ڪيو هو. هن وزيراعظم محمد شهباز شريف جي زرعي ايمرجنسي جو اعلان ڪرڻ ۽ ڪميٽي قائم ڪرڻ تي شڪريو ادا ڪيو. سيد مراد علي شاهه چيو ته سنڌ حڪومت بلاول ڀٽو زرداري جي هدايت تي آبادگارن لاءِ رليف پيڪيج تيار ڪيو آهي. اسان پنهنجن آبادگارن جي هر ممڪن مدد ڪنداسين. هن وفاقي حڪومت پاران گڏيل قومن کان امداد وٺڻ واري فيصلي جي به حمايت ڪئي. ٻوڏ صورتحال بابت ڳالهائيندي وڏي وزير چيو ته سنڌ حڪومت پاران فوري حفاظتي قدم کنيا ويا هئا. هن ٻڌايو ته خدا جو شڪر آهي جو گڊو بئراج تي پاڻي جي سطح گهٽجڻ شروع ٿي وئي آهي جيتوڻيڪ سکر بئراج تي اڃا به تيز وهڪرا آهن جيڪي جلد گهٽجڻ جي اميد آهي. ڪي ڪي بند، شينڪ بند ۽ ٽوڙي بند محفوظ آهن. هن وڌيڪ چيو ته ڪوٽڙي بئراج کي ايندڙ ستن کان ڏهه ڏينهن ۾ تيز وهڪرن کي منهن ڏيڻو پوندو ۽ ٽيمون اڳ ئي ڊائون اسٽريم ۾ مقرر ڪيون ويون آهن. هن چيو ته.مان سڀني کاتن، ماڻهن ۽ ميڊيا جو شڪريو ادا ڪريان ٿو جن پنهنجو ڪردار ادا ڪيو. ڪچي ۾ آپريشن ۽ مالي معاملن بابت سوال تي وڏي وزير چيو ته ڏوهن جي مقابلي لاءِ پوليس آپريشن ٻوڏ کان ڪافي اڳ شروع ڪيو ويو هو. هڪ مهينو اڳ گڏيل اجلاس ٿيو هو، گذريل ڏينهن ان جو جائزو ورتو ويو ۽ ايندڙ هفتي ٻيهر اجلاس ٿيندو. اسان پنهنجن مقصدن ڏانهن تسلسل سان وڌي رهيا آهيون. مالي معاملن بابت مراد شاهه وضاحت ڪئي ته قومي مالياتي ڪميشن آئين جي آرٽيڪل 160 تحت قائم ڪئي وئي آهي جنهن ۾ ناڻي بابت وفاقي وزير ۽ سڀني صوبن جا ناڻي وارا وزير شامل آهن. هن چيو ته زرعي ٽيڪسن جو جائزو وٺڻو پوندو. اسان آبادگارن تان ٽيڪس مڪمل ختم نه ٿا ڪري سگهون پر اها پڪ ڪنداسين ته آمدني جا هدف پورا ٿين. وڏي وزير خبردار ڪيو ته جيڪڏهن زرعي ايمرجنسي لاڳو نه ٿي ته ڊسمبر ۽ جنوري کانپوءِ ملڪ کي ڪڻڪ جي کوٽ جو منهن ڏسڻو پئجي سگهي ٿو. هن چيو ته گذريل سال آبادگارن کي مناسب اگهه نه ملڻ سبب ڪڻڪ جي پيداوار ۾ 20 سيڪڙو گهٽتائي ٿي. جيڪڏهن اهو سلسلو جاري رهيو ته بحران وڌيڪ شديد ٿيندو. بلاول ڀٽو جو زرعي هنگامي ايمرجنسي جو مطالبو صرف آبادگارن لاءِ نه پر سڄي قوم جي فائدي ۾ آهي. سيد مراد علي شاهه ڪراچي جي گورننس مسئلن تي به روشني وڌي جتي مختلف اٿارٽيز جهڙوڪ ٽائونز، صنعتي علائقن، ڪينٽونمينٽس، ڪراچي پورٽ ٽرسٽ ۽ سول اي وي ايشن اٿارٽي الڳ الڳ ڪم ڪري رهيون آهن. هن چيو ته انهي ورهاست جي باوجود ذميواري حڪومت جي آهي ۽ اسان شهر جا مسئلا حل ڪنداسين. وڏي وزير ڪورنگي ۾ معذور ماڻهن جي شموليت لاءِ ٺهيل مرڪز جو افتتاح ڪيو جيڪو "(نائو پي ڊي پي)نائو پاڪستان ڊس ايبليٽي پروگرام” ڏيھي ۽ پرڏيھي ڪمپنين جي سهڪار سان قائم ڪيو ويو آهي. وڏي وزير هن کي ملڪ جو سڀ کان وڏو ۽ جديد ترين مرڪز قرار ڏنو. هن چيو ته هي مرڪز خاص ماڻهن کي بااختيار بڻائڻ طرف هڪ اهم قدم آهي. هتي پيشوراڻي تربيت، معاشي خودمختياري ۽ باعزت روزگار جا موقعا فراهم ڪيا ويندا. 34 هزار اسڪوائر فوٽ تي ٻڌل هي مرڪز ويل چيئر ٺاهڻ جو يونٽ، آءِ ٽي ۽ ٽيڪسٽائل ٽريننگ ليبز، صنعتي سلائي روم، پيڪيجنگ ورڪشاپس، ڪلينري ۽ بيوٽيشن پروگرامن سان گڏوگڏ نيورو ڊائيورس ماڻهن لاءِ بحالي جون سهولتون به مهيا ڪندو. وڏي وزير مرڪز جو دورو ڪيو ۽ تربيت وٺندڙ ٻارن ۽ نوجوانن سان ملاقات ڪئي جن ۾ ٻڌڻ ۽ ڏسڻ کان محروم شاگرد به شامل هئا جيڪي آءِ ٽي ۽ تخليقي ڪم ڪري رهيا هئا، عورتون بيوٽي اسڪلز سکڻ ۾ مصروف هيون ۽ نوجوان ڪڪنگ ۽ ٽيڪسٽائل ٺاهڻ ۾ تربيت حاصل ڪري رهيا هئا. وڏي وزير چيو ته مون کي انهن جو هنر ڏسي خوشي ٿي. هي ٻار ۽ نوجوان پاڪستان جو فخر بڻبا. سيد مراد علي شاهه يقين ڏياريو ته سنڌ حڪومت فلاحي ۽ شموليت واري منصوبن ۾ سيڙپ جاري رکندي. اها رڳو شروعات آهي. اسان سڀ گڏجي ايندڙ نسلن لاءِ روشن مستقبل ٺاهينداسين. هن معذورن بابت بحالي ۽ بااختياري کاتي ۽ ناو پاڪستان ڊس ايبليٽي پروگرام جي ڪوششن کي ساراهيو پنهنجي دوري دوران خاص ماڻهن وڏي وزير کان مطالبو ڪيو ته جيڪي رڪشا هلائڻ جي تربيت يافته آهن انهن کي ڊرائيونگ لائسنس ڏنو وڃي. وڏي وزير موقعي تي ئي ڊپٽي انسپيڪٽر جنرل ڊرائيونگ لائسنس برانچ يونس چانڊيو کي طلب ڪري هدايت ڪئي ته مرڪز ۾ پيشوراڻي ڊرائيونگ ٽيسٽ ورتي وڃي ۽ جيڪي اهل قرار اچن انهن کي لائسنس جاري ڪيا وڃن. سيد مراد علي شاهه هڪ تربيت ماڻيندڙ ڊرائيور سان مختصر رڪشا سفر به ڪيو ۽ سندس مهارت جي واکاڻ ڪئي. هن چيو ته اهي سٺا ڊرائيور آهن، سڀ رسمي ڪارروايون مڪمل ڪريو ۽ انهن کي لائسنس جاري ڪيو. وڏي وزير پنهنجي تقرير جي پڄاڻي هن عزم سان ڪئي ته سنڌ حڪومت جا ٻه مقصد آهن هڪ سنڌ سڄي ۾ امن امان جي بحالي ۽ ٻيو اهڙو شموليت وارو ترقياتي عمل جنهن ۾ ڪو به طبقو پوئتي نه رهي.