ڪراچي-17 سيپٽمبر (اي پي پي) سنڌ جي 14 ضلعن جي 29 سيٽن تي ضمني بلدياتي چونڊ 24 سيپٽمبر 2025ع تي منعقد ٿيندي. ان سلسلي ۾ اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان پولنگ اسٽيشنن اندر موبائيل فون کڻي وڃڻ تي پابندي لاڳو ڪري ڇڏي آهي، صرف پرزائيڊنگ آفيسرن، اسسٽنٽ پرزائيڊنگ آفيسرن ۽ سيڪيورٽي اهلڪارن کي موبائيل فون کڻي وڃڻ جي اجازت هوندي. اليڪشن ڪميشن موجب اليڪشن ايڪٽ 2017ع جي شق نمبر 182 تحت …
سنڌ جي 29 سيٽن تي ضمني بلدياتي چونڊ 24 سيپٽمبر تي ٿيندي، تياريون مڪمل
ڪراچي-17 سيپٽمبر (اي پي پي) سنڌ جي 14 ضلعن جي 29 سيٽن تي ضمني بلدياتي چونڊ 24 سيپٽمبر 2025ع تي منعقد ٿيندي. ان سلسلي ۾ اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان پولنگ اسٽيشنن اندر موبائيل فون کڻي وڃڻ تي پابندي لاڳو ڪري ڇڏي آهي، صرف پرزائيڊنگ آفيسرن، اسسٽنٽ پرزائيڊنگ آفيسرن ۽ سيڪيورٽي اهلڪارن کي موبائيل فون کڻي وڃڻ جي اجازت هوندي. اليڪشن ڪميشن موجب اليڪشن ايڪٽ 2017ع جي شق نمبر 182 تحت پولنگ کان 48 ڪلاڪ اڳ ڪنهن به قسم جي عوامي ميڙاڪي، ڪارنر گڏجاڻي ۽ جلسن ۽ جلوسن تي به پابندي هوندي، اها پابندي 22 ۽ 23 سيپٽمبر جي وچ واري رات کان پولنگ جي پڄاڻي تائين لاڳو رهندي. ان سلسلي ۾ صوبائي اليڪشن ڪمشنر سنڌ اعجاز انور چوهاڻ چيو ته اليڪشن ڪميشن شفاف، غيرجانبدار ۽ پرامن چونڊون ڪرائڻ لاءِ مڪمل ۽ ڊگهي مدي وارا قدم کڻي رهي آهي، هن ڊسٽرڪٽ رٽرننگ آفيسرن، رٽرننگ آَفيسرن، سيڪيورٽي اهلڪارن ۽ لاڳاپيل عملدارن کي سختي سان هدايتون جاري ڪندي چيو ته ضابطه اخلاق جي ڀڃڪڙي ڪنهن به صورت ۾ برداشت نه ڪئي ويندي ۽ چونڊ قانونن ۽ ضابطه اخلاق تي عملدرآمد هر صورت ۾ يقيني بڻايو وڃي.











