ڪراچي-16 سيپٽمبر (اي پي پي) ڪراچي ۾ پينو فقيرن خلاف وڏي پيماني تي مهم شروع ٿي وئي آهي . شهر جي مختلف هنڌن تان 46 پينو فقيرن کي گرفتار ڪيو ويو آهي. ڪمشنر ڪراچي کي ان ڏس ۾ پيش ڪيل رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته اوڀر ضلعي ۾ ٻن ڏينهن ۾ پيشيور پينو فقيرن خلاف جاري مهم ۾ ڪارروائي ڪري مختلف چونڪن ۽ بازارن تان 26 پينو فقيرن کي …
ڪراچي ۾ پينو فقيرن خلاف وڏي پيماني تي مهم شروع، مختلف هنڌن تان 46 پينو فقير گرفتار
ڪراچي-16 سيپٽمبر (اي پي پي) ڪراچي ۾ پينو فقيرن خلاف وڏي پيماني تي مهم شروع ٿي وئي آهي . شهر جي مختلف هنڌن تان 46 پينو فقيرن کي گرفتار ڪيو ويو آهي. ڪمشنر ڪراچي کي ان ڏس ۾ پيش ڪيل رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته اوڀر ضلعي ۾ ٻن ڏينهن ۾ پيشيور پينو فقيرن خلاف جاري مهم ۾ ڪارروائي ڪري مختلف چونڪن ۽ بازارن تان 26 پينو فقيرن کي گرفتار ڪري ايڌي هوم حوالي ڪيو ويو جڏهن ته 8 پينو فقيرن کي پوليس حوالي ڪيو ويو آهي. هوڏانهن اسسٽنٽ ڪمشنر گلشن اقبال ڪارروائي ڪري پل هيٺان پينو فقيرن جا خيما هٽائي ڇڏيا آهن. جڏهن ته اسسٽنٽ ڪمشنر فيروز آباد موجب فيروزآباد سب ڊويزن ۾ 12 پينو فقيرن ۽ منشيات جي عادي ماڻهن کي گرفتار ڪري ايڌي هوم جي حوالي ڪيو ويو آهي. ٻئي پاسي ڪمشنر ڪراچي سڀني ڊپٽي ڪمشنرن کي هدايت ڪئي آهي ته هو اها مهم جاري رکن ۽ سڀئي ڊپٽي ڪمشنر پنهنجي پنهنجي ضلعي ۾ چونڪن ، مارڪيٽن ۽ بازارن ۾ پنڻ جي لاڙي کي روڪڻ لاءِ اثرائتا قدم کڻن.











