سنڌ جي گورنر سان چين جي شهر شوزو ميونسپل پيپلز  گورنمينٽ جي ميئر جي ملاقات

ڪراچي-16 سيپٽمبر (اي پي پي) سنڌ جي گورنر ڪامران خان ٽيسوري سان چين جي شهر شوزو ميونسپل پيپلز گورنمينٽ جي ميئر ملاقات ڪئي، جنهن ۾ ٻطرفن لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ، وفدن جي مٽاسٽا ۽ صحيحيون ٿيل معاهدن تي عملدرآمد جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. سنڌ جي گورنر چيو ته سنڌ صوبي ۾ انفرااسٽرڪچر ،هاءِ ويز، پاڻي ۽ توانائي جي شعبن ۾ سيڙپڪاري جا وڏا موقعا …

ڪراچي-16 سيپٽمبر (اي پي پي) سنڌ جي گورنر ڪامران خان ٽيسوري سان چين جي شهر شوزو ميونسپل پيپلز گورنمينٽ جي ميئر ملاقات ڪئي، جنهن ۾ ٻطرفن لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ، وفدن جي مٽاسٽا ۽ صحيحيون ٿيل معاهدن تي عملدرآمد جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. سنڌ جي گورنر چيو ته سنڌ صوبي ۾ انفرااسٽرڪچر ،هاءِ ويز، پاڻي ۽ توانائي جي شعبن ۾ سيڙپڪاري جا وڏا موقعا موجود آهن. هن ان ڳالهه تي زور ڀريو ته پهريان کان منظور ٿيل رٿائن ۾ پرڏيهي سيڙپڪارن جي شموليت ضروري آهي ته جئين ترقياتي رٿائون تيزي سان مڪمل ٿين. ڪامران خان ٽيسوري وڌيڪ چيو ته صنعتي ترقي ۽ روزگار جا نوان موقعا پيدا ڪرڻ لاءِ سنڌ حڪومت سيڙپڪارن کي هر ممڪن سهڪار فراهم ڪري رهي آهي. ان موقعي تي شوزو جي ميئر سنڌ جي گورنر جي دعوت تي جلد پاڪستان جو دورو ڪرڻ جو اشارو ڏنو. ملاقات دوران ٻنهي اڳواڻن چين ۽ پاڪستان وچ ۾ معاشي لاڳاپن کي زور وٺائڻ لاءِ گڏيل قدمن تي به اتفاق ڪيو.