نوشهروفيروز -16 سيپٽمبر (اي پي پي) سنڌو درياهه ۾ 4 لک 60 هزار ڪيوسڪ پاڻي جو وهڪرو گذري رهيو آهي، زمينداري بند ٽٽڻ سبب هزارين ماڻهو متاثر ٿيا آهن. نوشهروفيروز جي ڊپٽي ڪمشنر محمد ارسلان سليم ٻڌايو آهي ته سنڌو درياهه جي نوشهروفيروز جي حدن مان هن وقت 4 لک 60 هزار ڪيوسڪ ٻوڏ جي پاڻي جو وهڪرو جاري آهي. ضلعي ۾ ڪوڙاجا ڀان، ڀورٽي، منجهٽ، مٺياڻي ۽ مورو پل …
نوشهروفيروز وٽ سنڌو درياهه ۾ 4 لک 60 هزار ڪيوسڪ پاڻي جو وهڪرو، زمينداري بند ٽٽڻ سبب هزارين ماڻهو متاثر
نوشهروفيروز -16 سيپٽمبر (اي پي پي) سنڌو درياهه ۾ 4 لک 60 هزار ڪيوسڪ پاڻي جو وهڪرو گذري رهيو آهي، زمينداري بند ٽٽڻ سبب هزارين ماڻهو متاثر ٿيا آهن. نوشهروفيروز جي ڊپٽي ڪمشنر محمد ارسلان سليم ٻڌايو آهي ته سنڌو درياهه جي نوشهروفيروز جي حدن مان هن وقت 4 لک 60 هزار ڪيوسڪ ٻوڏ جي پاڻي جو وهڪرو جاري آهي. ضلعي ۾ ڪوڙاجا ڀان، ڀورٽي، منجهٽ، مٺياڻي ۽ مورو پل ويجهو ريسڪيو ٽيمون مسلسل ڪم ڪري رهيون آهن ۽ صورتحال جي نگراني ڪئي پئي وڃي. ٻوڏ جي پاڻي جي دٻاءَ سبب سنڌو درياهه اندر هاڻي تائين 4 زمينداري بند ٽٽي چڪا آهن، جنهن جي نتيجي ۾ هزارين ماڻهو ڪچي جي علائقن مان لڏ پلاڻ ڪري محفوظ هنڌن طرف وڃي چڪا آهن. اڪثر متاثرن رليف ڪيمپن بدران ويجهن شهرن ۽ ڳوٺن ۾ پنهنجي مٽن مائٽن جي گهرن ۾ پناهه ورتي آهي. ضلعي انتظاميا ۽ ريسڪيو ادارا هنگامي بنيادن تي بندن جي مرمت ۽ بچاءَ جي قدمن ۾ مصروف آهن. ڊپٽي ڪمشنر عوام کي اپيل ڪئي آهي ته هو افواهن تي ڌيان نه ڏين ۽ انتظاميا سان سهڪار ڪن، ضرورت پوڻ تي ويجهي رليف ڪيمپن سان رابطو ڪيو وڃي ته جيئن ڪنهن به امڪاني هنگامي صورتحال ۾ انهن جي وقت سر مدد ڪري سگهجي.











