پاڪستان پيپلز پارٽي جو اڳوڻو ايم اين اي روشن الدين جوڻيجو مٽي ماءُ حوالي

حيدرآباد-16 سيپٽمبر (اي پي پي) پاڪستان پيپلز پارٽي قومي اسيمبلي جي جي اڳوڻي ميمبر روشن الدين جوڻيجو جي جنازي نماز سندس اباڻي ڳوٺ سنجر خان جوڻيجو ۾ ادا ڪئي وئي. جنازي نماز ۾ سياسي ۽ سماجي اڳواڻن، پ پ ڪارڪنن، مٽن، مائٽن ۽ شهرين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. جنازي ۾ قومي اسيمبلي جي ڊپٽي اسپيڪر سيد غلام مصطفيٰ شاهه سميت قومي اسيمبلي جي ميمبرن صلاح الدين جوڻيجو، عبدالقادر گيلاني، …

حيدرآباد-16 سيپٽمبر (اي پي پي) پاڪستان پيپلز پارٽي قومي اسيمبلي جي جي اڳوڻي ميمبر روشن الدين جوڻيجو جي جنازي نماز سندس اباڻي ڳوٺ سنجر خان جوڻيجو ۾ ادا ڪئي وئي. جنازي نماز ۾ سياسي ۽ سماجي اڳواڻن، پ پ ڪارڪنن، مٽن، مائٽن ۽ شهرين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. جنازي ۾ قومي اسيمبلي جي ڊپٽي اسپيڪر سيد غلام مصطفيٰ شاهه سميت قومي اسيمبلي جي ميمبرن صلاح الدين جوڻيجو، عبدالقادر گيلاني، صادق ميمڻ، ذوالفقار بهڻ، صوبائي وزيرن ذوالفقار علي شاهه ۽ مخدوم محبوب الزمان، سنڌ اسيمبلي ميمبرن امداد پتافي، ڄام شبير علي خان، سينيٽر ملڪ امام الدين شوقين، اڳوڻن صوبائي وزيرن فراز ڏيرو، اصغر علي جوڻيجو ۽ ٻين شرڪت ڪئي. مرحوم کي سوڳوارن جي موجودگي ۾ تاريخي قبرستان ساياتن ۾ مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويو.