سنڌ جي وڏي وزير ۽ وفاقي وزير مصدق ملڪ ۾ ملاقات

ڪراچي-15 سيپٽمبر (اي پي پي) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ۽ موسمياتي تبديلي ۽ ماحولياتي هم آهنگي بابت وفاقي وزير ڊاڪٽر مصدق ملڪ چئو ماسي کان اڳ 300 ڏينهن وارو ڪلائميٽ ايڪشن پلان شروع ڪرڻ، سکر بئراج جي گنجائش وڌائڻ، سنڌو درياهه جي ڪمزور بندن کي مضبوط ڪرڻ ۽ پراڻن قدرتي رستن کي بحال ڪرڻ بابت ڳالهه ٻولهه ڪئي ته جيئن دريائي ۽ برساتي ٻوڏ دوران قيمتي …

ڪراچي-15 سيپٽمبر (اي پي پي) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ۽ موسمياتي تبديلي ۽ ماحولياتي هم آهنگي بابت وفاقي وزير ڊاڪٽر مصدق ملڪ چئو ماسي کان اڳ 300 ڏينهن وارو ڪلائميٽ ايڪشن پلان شروع ڪرڻ، سکر بئراج جي گنجائش وڌائڻ، سنڌو درياهه جي ڪمزور بندن کي مضبوط ڪرڻ ۽ پراڻن قدرتي رستن کي بحال ڪرڻ بابت ڳالهه ٻولهه ڪئي ته جيئن دريائي ۽ برساتي ٻوڏ دوران قيمتي جاني ۽ مالي نقصان کان بچي سگهجي. اها ڳالهه هن سي ايم هائوس ۾ ٿيل اجلاس دوران ڪئي.  اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته ايندڙ سانوڻي جي مُند کي نظر ۾ رکندي 300 ڏينهن وارو ڪلائميٽ ايڪشن پلان تيار ڪيو ويندو. ان منصوبي تحت سڀئي صوبائي حڪومتون پنهنجون تجويزون ۽ ضروري منصوبا پيش ڪنديون. هن زور ڀريو ته وقت سر ۽ اڳواٽ قدمن سان برساتن ۽ دريائي ٻوڏن جي نقصان کي نمايان طور گهٽائي سگهجي ٿو. ٻنهي اڳواڻن اتفاق ڪيو ته پاڪستان موسمياتي تبديلي سبب سنگين نقصانن کي منهن ڏئي رهيو آهي ۽ عالمي سهڪار لازمي آهي. اجلاس ۾ ڪاربان ڪريڊٽ مارڪيٽ کي مضبوط ڪرڻ تي پڻ اتفاق ڪيو ويو. ڊاڪٽر مصدق ملڪ چيو ته وفاقي حڪومت صوبن کي ڪاربان ڪريڊٽ مارڪيٽ کولڻ ۾ مڪمل سهڪار فراهم ڪندي. وڏي وزير ٻڌايو ته سنڌ اڳ ئي ڪاربان ڪريڊٽ مارڪيٽنگ شروع ڪري چڪي آهي ۽ ان کي وڌيڪ وسيع ڪرڻ جي ضرورت آهي. هن چيو ته هن سال دريائي  چاڙه سبب حالتون وڌيڪ ڏکيون ٿي ويون آهن۔ سکر بئراج جي صورتحال بيان ڪندي وڏي وزير چيو ته بئراج جي اصل ڊيزائن گنجائش 15 لک ڪيوسڪ هئي پر هائيڊرولڪ مسئلن ۽ 10 دروازن جي بند ٿيڻ ڪري اها گنجائش گهٽجي 9 لک 60 هزار ڪيوسڪ رهجي وئي آهي. هن زور ڀريو ته اسان کي سکر بئراج جي گنجائش وڌائڻي پوندي. وڏي وزير سنڌو درياهه جي ڪجهه بندن جي ڪمزور حالت تي پڻ ڳڻتي ظاهر ڪئي. هن ٻڌايو ته جاپان سنڌ ۾ انهن بندن کي مضبوط ڪرڻ ۾ مدد ڪري رهيو آهي، خاص طور تي ڪي ڪي بند ۽ قادرپور-شينڪ بند تي ۽ اميد ظاهر ڪئي ته اهي منصوبا جلد عملي شڪل اختيار ڪندا. هن مون سون ٻوڏ کي منهن ڏيڻ لاءِ قدرتي رستن جي بحالي جي ضرورت تي زور ڀريو. وڏي وزير چيو 1930 واري ڏهاڪي ۾ بئراجن جي تعمير کان پوءِ ڪچي جا علائقا وجود ۾ آيا جنهن سان قدرتي وهڪرا متاثر ٿيا۔ سنڌ وٽ 14 واهه آهن ۽ سنڌو درياهه جي ساڄي ۽ کاٻي ڪناري ٻنهي تي قدرتي نيڪال بحال ڪرڻا پوندا. صورتحال بيان ڪندي وڏي وزير چيو ته ساڄي ڪناري تي پهاڙي علائقن مان پاڻي وڏي مقدار ۾ منڇر ڍنڍ ۾ اچي ٿو جتان اهو پاڻي ٻن واهن ذريعي درياءِ سنڌ ۾ ڇڏيو ويندو آهي. هن چيو اسان کي انهن واهن جي گنجائش وڌائڻي پوندي. وڏي وزير ٻڌايو ته منڇر ڍنڍ جو پاڻي بنيادي طور اَڙل واهه ۽ دانستر واهه ذريعي درياءِ سنڌ ۾ ڇڏيو ويندو آهي. هن چيو ته اسان ٻنهي واهن کي بهتر ۽ رِي ماڊل ڪيو آهي، پر اڃا به ڪجهه وڌيڪ قدمن جي ضرورت آهي۔ کاٻي ڪناري تي شهيد بينظير آباد، سانگهڙ، ٿرپارڪر ۽ عمرڪوٽ ضلعن ۾ برساتن جو پاڻي به قدرتي نيڪال جي گهرج ڪري ٿو. تاريخي طور هاڪڙو ندي اهو پاڻي کڻي ويندي ھئي پر ليفٽ بئنڪ آئوٽ فال ڊرين جي تعمير کان پوءِ اهي قدرتي رستا بند ٿي ويا جنهن جي ڪري برساتن دوران وڏي پيماني تي تباهي ٿي. وڏي وزير ٻڌايو ته سنڌ حڪومت ڍورو پران کي ٻيهر زنده ڪيو جنهن جو افتتاح 2024ع ۾ ڪيو ويو ته جيئن قدرتي وهڪرن جي بحالي ممڪن ٿي سگهي. هن وفاقي حڪومت کان سکر بئراج جي گنجائش وڌائڻ لاءِ سهڪار جي اپيل ڪئي. وفاقي وزير ڊاڪٽر مصدق ملڪ وڏي وزير کي مڪمل سهڪار جي خاطري ڪرائي ۽ چيو ته موسمياتي تبديلي جي اثرن کي منهن ڏيڻ لاءِ عالمي مدد لازمي آهي. اجلاس ۾ موسمي اڳڪٿي جي نظام کي جديد بڻائڻ ۽ وقت سر الرٽس ۽ تياري يقيني بڻائڻ تي پڻ اتفاق ڪيو ويو. اجلاس جي آخر ۾ وڏي وزير ۽ وفاقي وزير، چيف سيڪريٽري آصف حيدر شاهه جي سربراهي ۾ هڪ ورڪنگ گروپ قائم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ته جيئن 300 ڏينهن وارو ڪلائميٽ ايڪشن پلان ٻن هفتن ۾ تيار ڪري سگهجي. اجلاس ۾ سنڌ جي چيف سيڪريٽري آصف حيدر شاهه ۽ پرنسپل سيڪريٽري آغا واصف پڻ موجود هئا.