ڪراچي-12 سيپٽمبر (اي پي پي) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته سندن حڪومت ورلڊ بئنڪ جي تعاون سان ڪراچي جي ڊگهي عرصي وارن ٽرانسپورٽ مسئلن جي حل لاءِ جامع ڪراچي ٽرانسپورٽ ماسٽر پلان تيار ڪندي. هن منصوبي ۾ بس ريپڊ ٽرانزٽ سسٽم، ميٽرو لائيٽ ريل ۽ ڪراچي سرڪلر ريلوي جي بحالي شامل هوندي ته جيئن شهر لاءِ جديد ۽ پائيدار ٽرانسپورٽ جا حل مهيا ڪيا …
حڪومت ورلڊ بئنڪ جي تعاون سان ڪراچي جي ڊگهي عرصي وارن ٽرانسپورٽ مسئلن جي حل لاءِ جامع ڪراچي ٽرانسپورٽ ماسٽر پلان تيار ڪندي: سنڌ جو وڏو وزير
ڪراچي-12 سيپٽمبر (اي پي پي) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته سندن حڪومت ورلڊ بئنڪ جي تعاون سان ڪراچي جي ڊگهي عرصي وارن ٽرانسپورٽ مسئلن جي حل لاءِ جامع ڪراچي ٽرانسپورٽ ماسٽر پلان تيار ڪندي. هن منصوبي ۾ بس ريپڊ ٽرانزٽ سسٽم، ميٽرو لائيٽ ريل ۽ ڪراچي سرڪلر ريلوي جي بحالي شامل هوندي ته جيئن شهر لاءِ جديد ۽ پائيدار ٽرانسپورٽ جا حل مهيا ڪيا وڃن. هي اعلان وزيراعليٰ هائوس ۾ هڪ اجلاس دوران ڪيو ويو جنهن ۾ ورلڊ بئنڪ جي اعليٰ سطحي وفد جي قيادت ابراهيم خليل زڪي، وچ اوڀر، اتر آفريڪا ۽ پاڪستان جي پريڪٽس مينيجر ٽرانسپورٽ ڪئي. وفد ۾ ليڊ ٽرانسپورٽ اڪنامسٽ جارج بيانڪو، سينئر ٽرانسپورٽ اسپيشلسٽ فريڊيريڪو فيريرا، پاپا مودائو ۽ مس ماگالي سميت ٻيا آفيسر به شامل هئا. وفد جو استقبال ڪندي وڏي وزير ورلڊ بئنڪ کي "اهم ترقياتي ڀائيوار” قرار ڏنو ۽ چيو ته ماسٽر پلان ييلو لائن کان اڳ تعاون کي وڌائيندو. هن چيو ته ڪراچي ۾ روزاني ضرورتون پوريون ڪرڻ لاءِ گهٽ ۾ گهٽ 15 هزار بسون گهرجن ۽ بي آر ٽي کان علاوه ميٽرو لائيٽ ريل ۽ سرڪلر ريلوي سسٽمز پڻ ضروري آهن. هن سنڌ ۾ اليڪٽرڪ بسون متعارف ڪرائڻ کي ماحولياتي دوست قدم قرار ڏنو. ابراهيم زڪي ماسٽر پلان لاءِ ورلڊ بئنڪ جي مڪمل ٽيڪنيڪل ۽ مالي حمايت جو واعدو ڪيو جنهن ۾ بي آر ٽي، ميٽرو ريل، سياحتي ۽ مال بردار ٽرينون ۽ ڪراچي سرڪلر ريلوي شامل هونديون. هن ڪراچي ۾ ٽرانسپورٽ انڊسٽري جي ترقي جي اهميت تي زور ڏنو نه رڳو شهر جي خدمت لاءِ پر قومي گهرج پوري ڪرڻ لاءِ به. ان تي مراد علي شاهه ڌاٻيجي کي ان صنعت لاءِ مخصوص مرڪز طور پيش ڪيو ۽ سيڙپڪارن کي مڪمل تعاون جو يقين ڏياريو۔اجلاس ۾ اهو فيصلو به ڪيو ويو ته هڪ گڏيل ورڪنگ گروپ قائم ڪيو ويندو جيڪو ماسٽر پلان تيار ڪرڻ وارن ٽرانسپورٽ ماهرن لاءِ ٽرمز آف ريفرنس تيار ڪندو. هي گروپ سنڌ حڪومت ۽ ورلڊ بئنڪ جي ميمبرن تي مشتمل هوندو ۽ چيف سيڪريٽري ذريعي رسمي طور نوٽيفاءِ ڪيو ويندو. وڏي وزير چيو ته هي ڪراچي لاءِ وڏي خبر آهي ۽ هي ڀائيواري شهر جي ڊگهي عرصي وارن ٽرانسپورٽ چيلينجن جي حل جي راه هموار ڪندي. ييلو لائن بي آر ٽي منصوبي بابت وڏي وزير چيو ته هي منصوبو ۽ ٻيا بي آر ٽي، ڪوريڊورز ڪراچي جي شهري ٽرانسپورٽ کي تبديل ڪندا. هي منصوبو ورلڊ بئنڪ، سنڌ حڪومت ۽ پرائيويٽ سيڪٽر جي گڏيل مالي مدد سان مڪمل ٿي رهيو آهي. ٽرانسپورٽ واري وزير شرجيل ميمڻ ييلو لائن بي آر ٽي، منصوبي جا تفصيل ڏيندي چيو ته هي منصوبو داؤد چورنگي کان خالد بن وليد روڊ تائين 21 ڪلوميٽر تي پکڙيل هوندو جنهن ۾ 21 ايٽ گريڊ اسٽيشن، 4 انڊر پاس، 4 ايلويٽيڊ اسٽيشن، 8 فلائي اوور ۽ 3 زمين هيٺ اسٽيشن شامل آهن. مڪمل ٿيڻ تي هي منصوبو روزانو ٽي لک مسافرن کي سهولت فراهم ڪندو ۽ ڊسمبر 2025 ۾ مڪمل ٿيڻ جي اميد آهي. هن چيو ته مختلف جڳهن تي ڪم جاري آهي جن ۾ ڊپو 1 ۾ 10 سيڪڙو ڪم مڪمل آھي، ڊپو 2 ۾ 17 سيڪڙو ڪم مڪمل آهي ۽ سيپٽمبر 2026 تائين مڪمل ٿيڻ جي اميد آهي جڏهن ته ڄام صادق پل جي حصي ۾ خاطرخواه اڳڀرائي ٿي آهي. اضافي پيڪيجز جيڪي ڪورڊور جي ڪم ۽ آف-ڪورڊور سڌارن سان لاڳاپيل آهن، جائزي يا حتمي ڊيزائن جي آخري مرحلن ۾ آهن. ان موقعي تي وڏي وزير چيو ته ييلو لائن ۽ ايندڙ منصوبن سان ڪراچي جي ٽرانسپورٽ منظرنامي کي جديد بڻائينداسين. هن چيو ته هي پائيدار شهري ٽرانسپورٽ ڏانهن هڪ سنگ ميل آهي ۽ پنهنجي حڪومت جو عزم ورجايو ته منصوبو وقت تي مڪمل ڪرڻ لاءِ ورلڊ بئنڪ جي تعاون سان سڀني قدمن کي يقيني بڻايو ويندو.وڏي وزير سان گڏ اجلاس ۾ وزير ٽرانسپورٽ شرجيل انعام ميمڻ، وزير رٿابندي ۽ ترقيات سيد ناصر حسين شاهه، چيف سيڪريٽري آصف حيدر شاهه، چيئرمين پي اينڊ ڊي نجم شاهه، سيڪريٽري وزيراعليٰ رحيم شيخ ۽ سيڪريٽري ٽرانسپورٽ اسد ضامن موجود هئا.












