حيدرآباد/ڪولالمپور -12 سيپٽمبر (اي پي پي) سافڪو کي اسلامي ۽ شرعي مالياتي خدمتن تي مڃتا طور ملائيشيا ۾ عالمي سطح جو ايوارڊ ’گيفا 2025ع‘ ڏنو ويو آهي. ڪولالمپور، ملائيشيا ۾ منعقد ٿيل تقريب دوران سافڪو مائيڪروفنانس ڪمپنيءَ جي اسلامي ۽ شرعي مالياتي خدمتن کي ساراهيندي، ان کي 2025ع ۾ بهترين اڀرندڙ مالياتي ادارو تسليم ڪندي عالمي سطح جو ’گلوبل اسلامڪ فنانس ايوارڊ گيفا 2025‘ ڏنو ويو. سافڪو پاران جاري ڪيل …
سافڪو کي اسلامي ۽ شرعي مالياتي خدمتن تي مڃتا طور ملائيشيا ۾ عالمي سطح جو ايوارڊ ’گيفا 2025ع‘ سان نوازيو ويو
حيدرآباد/ڪولالمپور -12 سيپٽمبر (اي پي پي) سافڪو کي اسلامي ۽ شرعي مالياتي خدمتن تي مڃتا طور ملائيشيا ۾ عالمي سطح جو ايوارڊ ’گيفا 2025ع‘ ڏنو ويو آهي. ڪولالمپور، ملائيشيا ۾ منعقد ٿيل تقريب دوران سافڪو مائيڪروفنانس ڪمپنيءَ جي اسلامي ۽ شرعي مالياتي خدمتن کي ساراهيندي، ان کي 2025ع ۾ بهترين اڀرندڙ مالياتي ادارو تسليم ڪندي عالمي سطح جو ’گلوبل اسلامڪ فنانس ايوارڊ گيفا 2025‘ ڏنو ويو. سافڪو پاران جاري ڪيل بيان مطابق اهو ايوارڊ ملائشيا جي وزيراعظم انور ابراهيم ۽ مالديپ جي اڳواڻي صدر محمد وحيد حسين پاران سافڪو جي باني سي اي او ڊاڪٽر سليمان جي ابڙو کي ڏنو ويو. ان موقعي تي ڳالهائيندي ڊاڪٽر سليمان جي ابڙو سندن ٿورا مڃيندي چيو ته ’گلوبل اسلامڪ فنانس ايوارڊ 2025‘ ملڻ اسان لاءِ انتهائي وڏو اعزاز آهي. اهو اعزاز پاڪستان ۾ پٺتي پيل آبادين کي جامع، اخلاقيات ۽ شريعت مطابق مالياتي حل فراهم ڪرڻ تي سافڪو جي پختي عزم جو ثبوت آهي. هن چيو ته اسان جو ويساهه آهي ته مالي سهولتون نه رڳو فردن کي بااختيار بنائن ٿيون پر انهن سان سچائي، ايمانداري، برابري ۽ جٽاداريءَ وارن قدرن جي به پاسداري ٿئي ٿي. اهڙا ايوارڊ اسان جي جديد مالياتي ڍانچن کي اڳڀرو ڪرڻ واري اسان جي عزم کي وڌيڪ سگھارو ڪن ٿا ته جيئن معاشري کي خوشحال ۽ پائدار بنائڻ بابت وڌيڪ اثرائتو ڪردار ادا ڪريون. ڊاڪٽر سليمان جي ابڙو چيو ته هيءَ ڪاميابي اسلامي مالياتي خدمتن واري شعبي ۾ سافڪو جي اهم ڪردار جي نشاندهي ڪري ٿي، جنهن پاڪستان ۾ پهرين غيربئنڪاري مالياتي اداري (اين بي ايف سي) طور اسلامي مالياتي سهولتون متعارف ڪرايون آهن، جيڪي شريعت مطابق مالياتي شموليت، جدتن ۽ شاندار روايتن کي هٿي ڏيڻ واري اسان جي مقصد جي تصديق ڪن ٿيون. هن وڌيڪ چيو ته سافڪو سموري پاڪستان ۾ ماڻهن جي روشن ۽ ڀرپور مستقبل جي اڏاوت لاءِ پرعزم آهي. اسان اهو اعزاز پوري سافڪو سٿ، ان جي مالياتي خدمتن مان فائدو وٺندڙن ۽ لاڳاپيل ٻين ڌرين لاءِ سندن اعتماد، لڳاءَ ۽ ان ڪاميابيءَ کي ممڪن بنائڻ ۾ سهڪار جي نانءِ ڪريون ٿا. تقريب ۾ ملائيشيا جي اعليٰ عملدارن کان علاوه مختلف ملڪن جي مالياتي ادارن جي سربراهن ۽ اهم عهديدارن پڻ شرڪت ڪئي.











