عالمي بئنڪ جي وفد جو ريـجنل ڊائريڪٽر جي سربراهي ۾ ڪوٽڙي بئراج ۽ اڪرم ڪينال جو دورو

حيدرآباد-12 سيپٽمبر (اي پي پي) عالمي بئنڪ جي ريـجنل ڊائريڪٽر ميسڪريم برحين ڪوٽڙي بئراج، آبپاشي کاتي جي هائيڊرولڪ ليبارٽري ۽ اڪرم ڪينال جو دوروڪيو. عالمي بئنڪ جي ريـجنل ڊائريڪٽر ليبارٽري ۾ سيڊا طرفان سنڌ واٽر اينڊ ايگريڪلچر ٽرانسفارميشن پروجيڪٽ  تحت نون آبپاشي ماڊلز جو معائنو ڪيو. ايم ڊي سيڊا پريتـم داس ۽ سواٽ جي پروجيڪٽ ڊائريڪٽر جمال منڱن بريفنگ ڏني. عالمي بئنڪ جي وفد سان گڏ سواٽ جي زرعي ڪمپونينٽ …

حيدرآباد-12 سيپٽمبر (اي پي پي) عالمي بئنڪ جي ريـجنل ڊائريڪٽر ميسڪريم برحين ڪوٽڙي بئراج، آبپاشي کاتي جي هائيڊرولڪ ليبارٽري ۽ اڪرم ڪينال جو دوروڪيو. عالمي بئنڪ جي ريـجنل ڊائريڪٽر ليبارٽري ۾ سيڊا طرفان سنڌ واٽر اينڊ ايگريڪلچر ٽرانسفارميشن پروجيڪٽ  تحت نون آبپاشي ماڊلز جو معائنو ڪيو. ايم ڊي سيڊا پريتـم داس ۽ سواٽ جي پروجيڪٽ ڊائريڪٽر جمال منڱن بريفنگ ڏني. عالمي بئنڪ جي وفد سان گڏ سواٽ جي زرعي ڪمپونينٽ جو پراجيڪٽ ڊائريڪٽر  لياقت ڀٽو، سيڊا ۽ آبپاشي  جا ٻيا عملدار به گڏ هئا.عالمي بئنڪ جي وفد ۾ ميسڪريم برحين، ٽاسڪ ٽيم ليڊر فرانشيو اونيمس ۽ واٽر ليڊ اسپيشلسٽ بيڪلي ڊيبلـي  به شامل هئا.