سنڌ جي گورنر جي  بيجنگ ۾ چيني بين الاقوامي معاملن جي وزير سان اهم ملاقات

ڪراچي-11 سيپٽمبر (اي پي پي)سنڌ جي گورنر ڪامران خان ٽيسوري بيجنگ ۾ چيني بين الاقوامي معاملن جي وزير سن هائيان سان هڪ اهم ملاقات ڪئي، جنهن ۾ انهن پاڪ-چين ٻطرفي لاڳاپن، اقتصادي تعاون جي ترقي جو جائزو ورتو ۽ معاهدن تي صحيحون ڪيون. گورنر هائوس پاران جاري ڪيل پڌرائي موجب ملاقات دوران سن هائيان گورنر ٽيسوري جي عوامي مقبوليت جي تعريف ڪئي ۽ چيو ته "توهان کي پاڪستان ۾ عوامي …

ڪراچي-11 سيپٽمبر (اي پي پي)سنڌ جي گورنر ڪامران خان ٽيسوري بيجنگ ۾ چيني بين الاقوامي معاملن جي وزير سن هائيان سان هڪ اهم ملاقات ڪئي، جنهن ۾ انهن پاڪ-چين ٻطرفي لاڳاپن، اقتصادي تعاون جي ترقي جو جائزو ورتو ۽ معاهدن تي صحيحون ڪيون. گورنر هائوس پاران جاري ڪيل پڌرائي موجب ملاقات دوران سن هائيان گورنر ٽيسوري جي عوامي مقبوليت جي تعريف ڪئي ۽ چيو ته "توهان کي پاڪستان ۾ عوامي گورنر طور سڃاتو وڃي ٿو، جيڪو عوام جي اعتماد جي علامت آهي.” سنڌ جي گورنر کيس پاڪستان جي دوري جي دعوت ڏني، جيڪا هن خوشيءَ سان قبول ڪئي. سنڌ جي گورنر ڪامران خان ٽيسوري چين سان اقتصادي ڀائيواري کي وڌيڪ هٿي ڏيڻ تي زور ڀريو ۽ چيو ته اسپيشل انويسٽمينٽ فيسليٽيشن ڪائونسل (ايس آءِ ايف سي) سيڙپڪارن کي معاشي سرگرمين کي تيز ڪرڻ لاءِ ون ونڊو آپريشن جي سهولت فراهم ڪري رهي آهي. هن وڌيڪ چيو ته وزيراعظم شهباز شريف، آرمي چيف فيلڊ مارشل عاصم منير ۽ پاڪستان جي عوام معاشي استحڪام ۽ ترقي لاءِ متحد آهن، سنڌ جي گورنر چيني وزير کي پاڪستان جي ثقافت ۽ مهمان نوازي جو حوالو ڏيندي ڪراچي جي بزنس روڊ تي مقامي کاڌن، ڪٽا ڪٽ ۽ ڪڙڪ چانهھ مان لطف اندوز ٿيڻ جي دعوت ڏني. ان موقعي تي سنڌ جي گورنر ڀارت جي سرپرستي هيٺ ڌرين کي پاڪستان ۾ دهشتگرد ڪاررواين ۾ ملوث قرار ڏنو ۽ واضح ڪيو ته پاڪستاني عوام ۽ هٿياربند فوج دهشتگردي خلاف متحد ۽ پرعزم آهن. هي ملاقات نه رڳو پاڪ-چين لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ جو ذريعو بڻي پر اقتصادي ۽ سيڪيورٽي تعاون کي فروغ ڏيڻ لاءِ نوان امڪان پڻ سامھون آيا.