ڪراچي ۾ 3 عورتون چاقو سان وار ڪري قتل، هڪ ڇوڪري ۽ هڪ مرد زخمي

ڪراچي-11 سيپٽمبر (اي پي پي) ڪراچي جي گلستان جوهر ڀٽائي آباد واري علائقي ۾ هڪ گهر ۾ ٽن عورتن کي چاقو سان وار ڪري قتل ڪيو ويو. ريسڪيو اختيارين موجب، واقعي ۾ هڪ ڇوڪري ۽ هڪ مرد سخت زخمي ٿيا آهن. فوت ٿيندڙ عورتن جي سڃاڻپ مينا، عائشه ۽ دانيا جي نالي سان ٿي آهي، جڏهن ته سخت زخمي 14 سالن جي ڇوڪري جي سڃاڻپ نندني ۽ زخمي شخص جي …

ڪراچي-11 سيپٽمبر (اي پي پي) ڪراچي جي گلستان جوهر ڀٽائي آباد واري علائقي ۾ هڪ گهر ۾ ٽن عورتن کي چاقو سان وار ڪري قتل ڪيو ويو. ريسڪيو اختيارين موجب، واقعي ۾ هڪ ڇوڪري ۽ هڪ مرد سخت زخمي ٿيا آهن. فوت ٿيندڙ عورتن جي سڃاڻپ مينا، عائشه ۽ دانيا جي نالي سان ٿي آهي، جڏهن ته سخت زخمي 14 سالن جي ڇوڪري جي سڃاڻپ نندني ۽ زخمي شخص جي سڃاڻپ اجئه جي نالي سان ٿي آهي. زخمين ۽ لاشن کي جناح اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي. پوليس موجب، زخمي شخص اجئه کي عورت جو چاچو ٻڌايو پيو وڃي. شڪ آهي ته چاچو اجئه ڪنهن تيز اوزار سان عورتن جا گلا ڪٽيا هئا. پوليس واقعي جو ڪيس داخل ڪري جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي.