نائب وزيراعظم اسحاق ڊار جي صدارت هيٺ ضبط ٿيل ۽ ٽيمپرڊ گاڏين بابت موجوده قانونن ۽ پاليسين جو جائزو وٺڻ بابت اجلاس

اسلام آباد – 10 سيپٽمبر (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار جي صدارت هيٺ اجلاس ۾ ضبط ٿيل ۽ ٽيمپرڊ گاڏين بابت موجوده قانونن ۽ پاليسين جو جائزو ورتو ويو. پرڏيهي آفيس پاران جاري بيان موجب هڪ ذيلي ڪميٽي کي انهن گاڏين جي تصرف جي لاءِ هڪ جامع طريقيڪار جوڙڻ جو ڪم ڏنو ويو هو. تفصيلي غور فڪر کانپوءِ ذيلي ڪميٽي متفقه طور تي …

اسلام آباد – 10 سيپٽمبر (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار جي صدارت هيٺ اجلاس ۾ ضبط ٿيل ۽ ٽيمپرڊ گاڏين بابت موجوده قانونن ۽ پاليسين جو جائزو ورتو ويو. پرڏيهي آفيس پاران جاري بيان موجب هڪ ذيلي ڪميٽي کي انهن گاڏين جي تصرف جي لاءِ هڪ جامع طريقيڪار جوڙڻ جو ڪم ڏنو ويو هو. تفصيلي غور فڪر کانپوءِ ذيلي ڪميٽي متفقه طور تي هڪ ڪسٽمز جنرل آرڊر کي حتمي شڪل ڏني جنهن جي بعد ۾ نائب وزيراعظم منظوري ڏئي ڇڏي. نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير ان فيصلي جي اهميت تي زور ڏيندي چيو ته ان سان ضبط ٿيل ۽ ٽيمپرڊ گاڏين جي تصرف جي عمل کي منظم ڪري سگهبو، وڌيڪ شفافيت يقيني بڻجندي، ڪارڪردگي ۾ بهتري ايندي ۽ ضبط ٿيل گاڏين جي نيلامي سان وڌ کان وڌ روينيو حاصل ڪري سگهبو. اجلاس ۾ قانون ۽ انصاف واري وفاقي وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ، وزيراعظم جي خاص معاون طارق باجوه، ايف بي آر چيئرمين ۽ اٽارني جنرل جي آفيس ۽ قانون ۽ انصاف واري وزارت جي نمائندن شرڪت ڪئي.