لاڙڪاڻو پوليس جي ڪامياب ڪارروائي، 4 آڪٽبور تي پوليس مقابلي ۾ ٻن پوليس اهلڪارن کي زخمي ڪندڙ جوابدار گرفتار

لاڙڪاڻو- 10 آڪٽوبر (اي پي پي) لاڙڪاڻو پوليس شيرين امير بيگم اوور هيڊ برج ۽ عرب پير پوليس مقابلي ڪيس ۾ اهم اڳڀرائي ڪندي فرضن جي ادائيگي دوران ٻن پوليس جوانن کي زخمي ڪري فرار ٿيندڙ ٻن جوابدارن حسنين جتوئي ۽ زوهيب تنيو کي گرفتار ڪري ورتو آهي. پوليس ترجمان موجب ڄاڻايل جوابدارن کي 4 آڪٽوبر 2026ع تي سول لائينز ٿاڻي جي حد شيرين امير بيگم اوور هيڊ برج واري …

لاڙڪاڻو- 10 آڪٽوبر (اي پي پي) لاڙڪاڻو پوليس شيرين امير بيگم اوور هيڊ برج ۽ عرب پير پوليس مقابلي ڪيس ۾ اهم اڳڀرائي ڪندي فرضن جي ادائيگي دوران ٻن پوليس جوانن کي زخمي ڪري فرار ٿيندڙ ٻن جوابدارن حسنين جتوئي ۽ زوهيب تنيو کي گرفتار ڪري ورتو آهي. پوليس ترجمان موجب ڄاڻايل جوابدارن کي 4 آڪٽوبر 2026ع تي سول لائينز ٿاڻي جي حد شيرين امير بيگم اوور هيڊ برج واري علائقي ۾ پوليس جوانن ناپاڪ مقصدن ۾ ناڪام بڻايو هو. جنهن کانپوءِ پوليس جوانن جي مسلسل پيڇو ڪرڻ تي وليد ٿاڻي جي حد عرب پير واري علائقي ۾ پوليس ۽ ڄاڻايل جوابدارن وچ ۾ پوليس مقابلو ٿيو هو، جنهن ۾ ٻه بهادر پوليس جوان علي زيب ابڙو ۽ عاشق علي ڦل فرض نڀائيندي زخمي ٿي پيا هئا. شروعاتي جاچ ۽ حاصل ڪيل معلومات مطابق گرفتار جوابدارن جو مختلف ٿاڻن ۾ ڪرمنل رڪارڊ پڻ موجود آهي. جوابدارن کان جاچ سميت وڌيڪ قانوني ۽ ضابطي جون ڪارروائيون جاري آهن، جڏهن ته ايس ايس پي لاڙڪاڻو اظهر خان هن ڪامياب ڪارروائي ۾ حصو وٺندڙ پوليس ٽيم لاءِ تعريفي سندن جا حڪم پڻ جاري ڪري ڇڏيا آهن. ٻئي طرف ايس ايس پي لاڙڪاڻو اظهر خان فرار ٿي ويل ۽ گھربل جوابدارن جي گرفتارين لاءِ جاري آپريشن جو جائزو ورتو ۽ ڪچي ۾ قائم پوليس ڪيمپن جو دورو ڪري فرض نڀائيندڙ پوليس جوانن جي حوصلا افزائي ڪئي. هن آپريشن ۾ لاڙڪاڻو پوليس جون بڪتربند گاڏيون، پوليس موبائلون ۽ وڏي پوليس نفري حصو وٺي رهي آهي. ايس ايس پي لاڙڪاڻو پاران جوڙيل ٽيمن پاران مختلف شڪي ٺڪاڻن، جوابدارن جي فرار ٿيڻ وارن رستن ۽ علائقن ۾ سرچ ۽ ڪومبنگ آپريشن ڪيو پيو وڃي، جنهن دوران فرار ٿي ويل ۽ سنگين ڪيسن ۾ گهربل جوابدارن جي گرفتارين لاءِ ڪارروايون جاري آهن. ايس ايس پي لاڙڪاڻو اظهر خان واضح ڪيو آهي ته قانون کان فرار جوابدارن خلاف ڪارروايون بنا ڪنهن رڪاوٽ جي جاري رهنديون ۽ سمورن فرار ٿي ويل جوابدارن جي گرفتارين تائين پوليس آپريشن جاري رهندو.