يوڪرين بحران ۽ توانائي جي فراهمي تي آمريڪي ۽ روسي صدر جو ٽيليفونڪ رابطو

واشنگٽن- 10 آڪٽوبر (اي پي پي) روس جي صدر ولاديمير پيوٽن ۽ آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ وچ ۾ ٽيليفونڪ رابطي ۾ يوڪرين بحران جي حل، عالمي توانائي جي صورتحال، ايران ۽ ٻه طرفن لاڳاپن تي ڳالهيون ڪيون ويون. پرڏيهي ميڊيا مطابق ڪريملن پاران جاري بيان مطابق صدر پيوٽن عالمي مارڪيٽن کي تيل ۽ پئٽروليم مصنوعات فراهم ڪرڻ لاءِ روس جي راضپي جو ورجاءُ ڪيو. ٽرمپ دعويٰ ڪئي آهي ته روس، …

واشنگٽن- 10 آڪٽوبر (اي پي پي) روس جي صدر ولاديمير پيوٽن ۽ آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ وچ ۾ ٽيليفونڪ رابطي ۾ يوڪرين بحران جي حل، عالمي توانائي جي صورتحال، ايران ۽ ٻه طرفن لاڳاپن تي ڳالهيون ڪيون ويون. پرڏيهي ميڊيا مطابق ڪريملن پاران جاري بيان مطابق صدر پيوٽن عالمي مارڪيٽن کي تيل ۽ پئٽروليم مصنوعات فراهم ڪرڻ لاءِ روس جي راضپي جو ورجاءُ ڪيو. ٽرمپ دعويٰ ڪئي آهي ته روس، آمريڪا ۽ عالمي ماڪيٽن کي لکين ٽن ڊيزل فراهم ڪندو، جنهن سان عالمي قيمتن ۾ گهٽتائي جو امڪان آهي. روسي نائب وزيراعظم اليگزينڊر نوواڪ چيو ته روس ڊيزل جي روانگي واپار تي پابنديون مقرر وقت کان اڳ نرم ڪرڻ شروع ڪندو. ڪريملن جي معاون يوري اوشاڪوف مطابق ٻنهي صدرن وچ ۾ اٽڪل ڏيڍ ڪلاڪ تائين ڳالهيون ٿيون، جنهن ۾ يوڪرين تڪرار جي حل جي امڪانن تي خاص ڌيان ڏنو ويو.