تهران- 10 آڪٽوبر (اي پي پي) ايران جي صدر مسعود پزشڪيان چيو آهي ته علائقائي سفارتڪاري صرف اجلاس منعقد ڪرڻ تائين محدود نه هئڻ گهرجي، پر ان کي بحرانن کي منهن ڏيڻ، ڳالهيون جاري رکڻ، ڇڪتاڻ ۾ اضافي جي روڪٿام ۽ عملي تعاون کي هٿي ڏيڻ جو اثرائتو ذريعو بڻائڻ گهرجي. پرڏيهي ميڊيا مطابق هن اها ڳالهه ترڪمانستان ۾ آزاد رياستن جي دولت مشترڪه (سي آءِ ايس) جي سربراهي اجلاس …
علائقائي سفارتڪاري ڇڪتاڻ ۾ اضافي جي روڪٿام ۽ بحرانن جي حل جو ذريعو هجڻ گهرجي: ايران

مزید خبریں
تهران- 10 آڪٽوبر (اي پي پي) ايران جي صدر مسعود پزشڪيان چيو آهي ته علائقائي سفارتڪاري صرف اجلاس منعقد ڪرڻ تائين محدود نه هئڻ گهرجي، پر ان کي بحرانن کي منهن ڏيڻ، ڳالهيون جاري رکڻ، ڇڪتاڻ ۾ اضافي جي روڪٿام ۽ عملي تعاون کي هٿي ڏيڻ جو اثرائتو ذريعو بڻائڻ گهرجي. پرڏيهي ميڊيا مطابق هن اها ڳالهه ترڪمانستان ۾ آزاد رياستن جي دولت مشترڪه (سي آءِ ايس) جي سربراهي اجلاس جي موقعي تي ”ايڪس“ تي چئي. ان موقعي تي هن ايران ۽ ان تنظيم جي ميمبر ملڪن وچ ۾ تعاون وڌائڻ لاءِ سي آءِ ايس پلس ايران جي نالي سان هڪ نئون فارميٽ جوڙڻ جي تجويز به پيش ڪئي. پزشڪيان جا بيان اهڙي وقت ۾ سامهون آيا آهن جڏهن ته تهران ۽ واشنگٽن وچ ۾ جنگ جي خاتمي ۽ آبناءِ هرمز کي ٻيهر کولڻ لاءِ تازن هفتن ۾ تجويزن جي ڏي وٺ ٿي آهي. ان دوران علائقائي علمدار نار فارس ۽ احمر سمنڊ ۾ ڇڪتاڻ گهٽ ڪرڻ ۽ بحري اچ وڃ برقرار رکڻ لءِ به ڳالهيون ڪري رهيا آهن.










