سنڌ حڪومت جي ٻوڏ جي صورتحال تي لڳاتار نظر رکيل، عوام جي حفاظت لاءِ سڀ ضروري قدم کنيا پيا وڃن: صوبائي وزير سيد ناصر حسين شاهه

ڪراچي-10 سيپٽمبر (اي پي پي) توانائي۽ منصوبابندي بابت صوبائي وزير سيد ناصر حسين شاهه چيو آهي ته سنڌ حڪومت جي ٻوڏ جي صورتحال تي لڳاتار نظر رکيل آهي ۽ عوام جي حفاظت لاءِ سڀ ضروري قدم کنيا پيا وڃن. پنهنجي جاري ڪيل بيان ۾ هن ٻڌايو ته اڃا تائين لڳ ڀڳ 70 هزار ماڻهن کي رليف ڪيمپن ۽ محفوظ جڳهن تي منتقل ڪيو ويو آهي. ناصر شاهه موجب هن وقت …

ڪراچي-10 سيپٽمبر (اي پي پي) توانائي۽ منصوبابندي بابت صوبائي وزير سيد ناصر حسين شاهه چيو آهي ته سنڌ حڪومت جي ٻوڏ جي صورتحال تي لڳاتار نظر رکيل آهي ۽ عوام جي حفاظت لاءِ سڀ ضروري قدم کنيا پيا وڃن. پنهنجي جاري ڪيل بيان ۾ هن ٻڌايو ته اڃا تائين لڳ ڀڳ 70 هزار ماڻهن کي رليف ڪيمپن ۽ محفوظ جڳهن تي منتقل ڪيو ويو آهي. ناصر شاهه موجب هن وقت گڊو بئراج وٽ پاڻي جي آمد لڳ ڀڳ پنج لک ڪيوسڪ آهي، جيڪا ڪنهن وڏي خطري جي نشاندهي نٿي ڪري ۽ ان کي بهتر نموني سنڀاليو پيو وڃي. هن چيو ته ماهرن جي اڳڪٿي موجب پاڻي جو وهڪرو 6 کان 7 لک ڪيوسڪ تائين وڃي سگهي ٿو، جنهن لاءِ سنڌ حڪومت مڪمل تياريون ڪري ڇڏيون آهن. صوبائي وزير چيو ته جيڪڏهن خدا نخواسته پاڻي جي سطح 10 لک ڪيوسڪ تائين پهچي ٿي ته وڌيڪ سخت ۽ هنگامي قدم کنيا ويندا ته جيئن عوام جي جان ۽ مال کي محفوظ بڻائي سگهجي. هن وڌيڪ چيو ته وڏي وزيرسيد مراد علي شاهه جي هدايت تي سموري ضلعي انتظاميا هاءِ الرٽ آهي ۽ رليف ڪيمپن ۾ متاثر ٿيل ماڻهن کي سهولتون فراهم ڪيون پيون وڃن.