اسلام آباد – 10 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف آذربائيجان جي اسٽيٽ ايجنسي فار پبلڪ سروس اينڊ سوشل انووڪيشن (ايس اي پي ايس ايس آءِ) جي تعاون سان وفاقي گادي واري شهر ۾ آسان خدمت مرڪز قائم ڪرڻ کي پاڪستان ۽ آذربائيجان جي وچ ۾ دوستي جو نئون سنگ ميل قرار ڏيندي چيو آهي ته ان مرڪز جي قيام سان عوام کي ڪيترن ئي ادارن جون خدمتون …
وزيراعظم پاران پاڪستان ۽ آذربائيجان جي وچ ۾ آسان خدمت مرڪز قائم ڪرڻ جو معاهدو دوستي جو نئون سنگ ميل قرار
اسلام آباد – 10 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف آذربائيجان جي اسٽيٽ ايجنسي فار پبلڪ سروس اينڊ سوشل انووڪيشن (ايس اي پي ايس ايس آءِ) جي تعاون سان وفاقي گادي واري شهر ۾ آسان خدمت مرڪز قائم ڪرڻ کي پاڪستان ۽ آذربائيجان جي وچ ۾ دوستي جو نئون سنگ ميل قرار ڏيندي چيو آهي ته ان مرڪز جي قيام سان عوام کي ڪيترن ئي ادارن جون خدمتون هڪ ئي ڇت هيٺ دستياب هونديون. اهڙن خيالن جو اظهار هن اسٽيٽ ايجنسي فار پبلڪ سروس اينڊ سوشل انووڪيشن، آذربائيجان ۽ انفارميشن ٽيڪنالاجي ۽ ٽيلي ڪام واري وزارت جي وچ ۾ اسلام آباد ۾ آسان خدمت مرڪز قائم ڪرڻ جي حوالي سان معاهدي تي صحيحن واري تقريب جي موقعي تي ڳالهائيندي ڪيو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف سان آذربائيجان جي اسٽيٽ ايجنسي فار پبلڪ سروس اينڊ سوشل انووڪيشن (ايس اي پي ايس ايس آءِ) جي چيئرمين الووي مهدييو ملاقات ڪئي. ان موقعي تي نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار، منصوبابندي وارو وفاقي وزير احسن اقبال، اقتصادي معاملن وارو وفاقي وزير احد خان چيما، هائوسنگ وارو وفاقي وزير رياض حسين پيرزاده، اطلاعات ۽ نشريات وارو وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ انفارميشن ٽيڪنالاجي ۽ ٽيلي ڪام واري وفاقي وزير شزه فاطمه خواجه ۽ لاڳاپيل اعليٰ سرڪاري آفيسر پڻ موجود هئا. وزيراعظم پاڪستان ۽ آذربائيجان جي وچ ۾ ان معاهدي کي دوستي جو نئون سنگ ميل قرار ڏيندي چيو ته ايس اي پي ايس ايس آءِ جي سهڪار سان اسلام آباد ۾ آسان خدمت مرڪز قائم ڪيو ويندو. وزيراعظم پنهنجي آذربائيجان جي دوري دوران باڪو ۾ آسان خدمت مرڪز جو دورو ڪيو هو جنهن کانپوءِ هن اسلام آباد ۾ انهي طرز تي آسان خدمت مرڪز قائم ڪرڻ ۽ ان حوالي سان آذربائيجان کان تعاون حاصل ڪرڻ جي هدايت ڪئي هئي. وزيراعظم چيو ته آسان خدمت مرڪز قائم ٿيڻ سان اسلام آباد جي شهرين کي ڪيترن ئي کاتن جون خدمتون هڪ ئي ڇت هيٺ دستياب هونديون، شهرين جي خدمت تي ٻڌل اهو خدمت مرڪز شهري سهولتن جي ڏس ۾ هڪ انقلابي قدم هوندو. وزيراعظم هدايت ڪئي ته آسان خدمت مرڪز جي لاءِ شفاف ۽ ميرٽ تي مقرريون ڪيون وڃن. هن بزنس سهولت مرڪز ۽ آسان خدمت مرڪز کي ضم ڪرڻ جي حوالي سان پڻ حڪمت عملي جوڙڻ جي هدايت ڪئي. هن چيو ته آسان خدمت مرڪز حڪومت جي ڪيش ليس معيشت پاليسي کي اڳتي وڌائڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندو. هن چيو ته اسلام آباد ۾ آسان خدمت مرڪز جو دائرو وڌيڪ شهرن ۾ پڻ ڦهلايو ويندو. وزيراعظم آذربائيجان جي صدر الهام عليوف ۽ آذربائيجان جي حڪومت جا ٿورا ادا ڪيا جن ان منصوبي جي لاءِ پنهنجون خدمتون پيش ڪيون ۽ ماهراڻي راءِ ۽ نگراني فراهم ڪئي. هن چيو ته ان منصوبي جي تڪميل سان ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ معاشي تعاون کي وڌيڪ هٿي ملندي. بيان موجب آذربائيجان جي اسٽيٽ ايجنسي فار پبلڪ سروس اينڊ سوشل انووڪيشن (ايس اي پي ايس ايس آءِ) ۽ انفارميشن ٽيڪنالاجي ۽ ٽيلي ڪام واري وزارت جي وچ ۾ اسلام آباد ۾ آسان خدمت مرڪز قائم ڪرڻ جي حوالي سان معاهدي تي صحيحُن پڻ ٿيون، وزيراعظم محمد شهباز شريف پڻ تقريب ۾ شرڪت ڪئي.












