اسلام آباد – 10 سيپٽمبر (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري سان آڊيٽر جنرل آف پاڪستان محمد اجمل گوندل الوداعي ملاقات ڪئي ۽ صدر کي اهم قدمن، بشمول آڊٽ جي اثرن، شهري شموليتي آڊٽ ۽ ڊيجيٽلائيزيشن سڌارن بابت بريفنگ ڏني. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر آڊيٽر جنرل جي آفيس پاران ڪارڪردگي، شفافيت ۽ خدمتن جي فراهمي کي بهتر بڻائڻ جي لاءِ متعارف ڪرايل سڌاراجاتي …
صدر سان آڊيٽر جنرل آف پاڪستان محمد اجمل گوندل جي الوداعي ملاقات
اسلام آباد – 10 سيپٽمبر (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري سان آڊيٽر جنرل آف پاڪستان محمد اجمل گوندل الوداعي ملاقات ڪئي ۽ صدر کي اهم قدمن، بشمول آڊٽ جي اثرن، شهري شموليتي آڊٽ ۽ ڊيجيٽلائيزيشن سڌارن بابت بريفنگ ڏني. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر آڊيٽر جنرل جي آفيس پاران ڪارڪردگي، شفافيت ۽ خدمتن جي فراهمي کي بهتر بڻائڻ جي لاءِ متعارف ڪرايل سڌاراجاتي قدمن کي ساراهيو ۽ مالياتي نظم ۽ ضبط ۽ جوابدهي کي مضبوط بڻائڻ ۾ اداري جي آئيني ڪردار کي ساراهيو. هن مالياتي اسلوب کي وڌيڪ بهتر بڻائڻ ۽ بدعنواني جي خاتمي جي لاءِ ٽيڪنالاجي تي ٻڌل آڊٽس سميت جديد طريقن کي اختيار ڪرڻ جي اهميت تي زور ڏنو. محمد اجمل گوندل صدر کي پنهنجي مدي دوران کنيل اهم قدمن، آڊٽ جي اثرن، شهري شموليتي آڊٽ ۽ ڊيجيٽلائيزيشن سڌارن بابت بريفنگ ڏني. هن ٻڌايو ته انهن قدمن سان آڊيٽر جنرل پاڪستان ادارو وڌيڪ شفاف، جامع ۽ عوامي اميدن وجب بڻجي ويو آهي. صدر ملڪ جي مالياتي جوابدهي جي نظام کي مضبوط بڻائڻ ۾ سندس خدمتن کي ساراهيو.












