اسلام آباد – 10 سيپٽمبر (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري پاڪستان ۾ سائنس ۽ ٽيڪنالاجي جي آگاهي کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ هڪ جامع ايڪو سسٽم تعمير ڪرڻ جي اهميت تي زور ڏنو آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب سائنس ۽ ٽيڪنالاجي واري وفاقي وزير خالد حسين مگسي ايوان صدر ۾ صدر آصف علي زرداري سان ملاقات ڪئي. ملاقات دوران صدر پاڪستان ۾ سائنس …
صدر پاران پاڪستان ۾ سائنس ۽ ٽيڪنالاجي جي آگاهي کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ هڪ جامع ايڪو سسٽم تعمير ڪرڻ جي اهميت تي زور
اسلام آباد – 10 سيپٽمبر (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري پاڪستان ۾ سائنس ۽ ٽيڪنالاجي جي آگاهي کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ هڪ جامع ايڪو سسٽم تعمير ڪرڻ جي اهميت تي زور ڏنو آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب سائنس ۽ ٽيڪنالاجي واري وفاقي وزير خالد حسين مگسي ايوان صدر ۾ صدر آصف علي زرداري سان ملاقات ڪئي. ملاقات دوران صدر پاڪستان ۾ سائنس ۽ ٽيڪنالاجي جي آگاهي کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ هڪ جامع ايڪو سسٽم تعمير ڪرڻ جي اهميت تي زور ڏنو. هن چيو ته اهڙو ايڪو سسٽم تعليم، ثقافت ۽ صنعت تي ٻڌل هجڻ گهرجي ته جيئن جديد سائنسي ترقي جي فائدن کي مڪمل طور تي استعمال ۾ آڻي سگهجي. صدر اسڪولن، ڪاليجن ۽ يونيورسٽين جي نصاب کي جديد سائنس، تنقيدي سوچ ۽ اڀرندڙ ٽيڪنالاجيز جي تازه ترين علم سان هم آهنگ ڪرڻ جي ضرورت تي روشني وڌي. هن زور ڏئي چيو ته شاگردن ۾ جدت ۽ تحقيق جي ثقافت کي فروغ ڏيڻ نئين نسل کي مستقبل جي چئلينجز کي منهن ڏيڻ جي لاءِ تيار ڪرڻ جي لاءِ لازمي آهي. صدر آصف علي زرداري حڪومتي معاملن ۾ ٽيڪنالاجي جي اهميت کي اجاگر ڪندي سرڪاري ادارن ۾ شفافيت، ڪارڪردگي ۽ خدمت جي فراهمي کي بهتر بڻائڻ جي لاءِ نئين اڀرندڙ ٽيڪنالاجيز کي اختيار ڪرڻ تي زور ڏنو.












