اسلام آباد – 10 سيپٽمبر (اي پي پي) پاڪستان شنگهائي تعاون تنظيم (ايس سي او) جي ريجنل اينٽي ٽيررازم اسٽرڪچر جي سربراهي سنڀالي ورتي، اهو فيصلو ايس سي او جي ميمبر ملڪن جي پاڪستان تي اعتماد جو مظهر آهي جڏهن ته علائقائي امن ۽ سلامتي، خاص طور تي دهشتگردي جي خلاف جدوجهد ۾ پاڪستان جي ڀرپور ڪوششن ۽ خدمتن جو اعتراف آهي. پرڏيهي آفيس پاران جاري بيان موجب ايس سي …
پاڪستان شنگهائي تعاون تنظيم جي ريجنل اينٽي ٽيررازم اسٽرڪچر جي سربراهي سنڀالي ورتي
اسلام آباد – 10 سيپٽمبر (اي پي پي) پاڪستان شنگهائي تعاون تنظيم (ايس سي او) جي ريجنل اينٽي ٽيررازم اسٽرڪچر جي سربراهي سنڀالي ورتي، اهو فيصلو ايس سي او جي ميمبر ملڪن جي پاڪستان تي اعتماد جو مظهر آهي جڏهن ته علائقائي امن ۽ سلامتي، خاص طور تي دهشتگردي جي خلاف جدوجهد ۾ پاڪستان جي ڀرپور ڪوششن ۽ خدمتن جو اعتراف آهي. پرڏيهي آفيس پاران جاري بيان موجب ايس سي او جي ميمبر جي طور تي پاڪستان دهشتگردي جي خلاف علائقائي تعاون کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ ڪم ڪندو. اهي ڪوششون گڏيل ترجيحن موجب ۽ ”شنگهائي اسپرٽ“ گڏيل اعتماد، برابري ۽ گڏيل ذميواري جي اصولن جي روشني ۾ اڳتي وڌائي ويندي. پاڪستان اهم شعبن ۾ سرگرمين ۽ تقريبن جي ميزباني پڻ ڪندو جن ۾ سائبر دهشتگردي جي خاتمي، معلومات آپريشنز، سرحدي سلامتي، دهشتگردن جي مالي مدد جي روڪٿام ۽ صلاحيت ۾ اضافو شامل آهي ته جيئن ميمبر ملڪن جي وچ ۾ تعاون کي وڌيڪ وڌائي سگهجي. پاڪستان دهشتگردي جي خلاف پهرين صف جي ملڪ جي طور تي نه رڳو پنهنجي عوام پر خطي ۽ دنيا جي سلامتي جي لاءِ بي مثال قربانيون ڏنيون آهن. گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي غيرمستقل ميمبر هجڻ جي ڪري پاڪستان کي دهشتگردي جي خاتمي سميت ڪيتريون ئي اهم ذميواريون ڏنيون ويون آهن، پاڪستان ايس سي او جي اصولن، عالمي قانون ۽ گڏيل قومن جي چارٽر جي روشني ۾ دهشتگردي جي خلاف گڏيل ڪوششن کي اڳتي وڌائڻ جي لاءِ عالمي ۽ علائقائي حصيدارن سان تعاون جاري رکندو.












