اسلام آباد-10 سيپٽمبر (اي پي پي) موسمياتي تبديلي ۽ ماحولياتي هم آهنگي بابت وفاقي وزير ڊاڪٽر مصدق ملڪ سان ڪينيڊين هاءِ ڪميشن جي ناظم الامور لوڪ مائرز ملاقات ڪئي، جنهن ۾ پاڪستان ۾ تازي ٻوڏ واري صورتحال ۽ ٻنهي ملڪن وچ ۾ ٻه طرفن ناتن جي امڪانن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. لوڪ مائرز پاڪستاني عوام سان گهري همدردي ۽ يڪجهتيءَ جو اظهار ڪيو ۽ تازي ٻوڏ سبب …
وفاقي وزير ڊاڪٽر مصدق ملڪ سان ڪينيڊين هاءِ ڪميشن جي ناظم الامور جي ملاقات
اسلام آباد-10 سيپٽمبر (اي پي پي) موسمياتي تبديلي ۽ ماحولياتي هم آهنگي بابت وفاقي وزير ڊاڪٽر مصدق ملڪ سان ڪينيڊين هاءِ ڪميشن جي ناظم الامور لوڪ مائرز ملاقات ڪئي، جنهن ۾ پاڪستان ۾ تازي ٻوڏ واري صورتحال ۽ ٻنهي ملڪن وچ ۾ ٻه طرفن ناتن جي امڪانن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. لوڪ مائرز پاڪستاني عوام سان گهري همدردي ۽ يڪجهتيءَ جو اظهار ڪيو ۽ تازي ٻوڏ سبب ٿيل جاني ۽ مالي نقصان تي افسوس جو اظهار ڪيو. ڊاڪٽر مصدق ملڪ لوڪ مائرز کي آگاهه ڪيو ته تازي ٻوڏ سبب تقريبن 36 لک ماڻهو بي گهر ٿي چڪا آهن. هن ٻُڌايو ته جيتوڻيڪ رليف آپريشنز جاري آهي ۽ اڳڀرائي ڪري رهيا آهيون پر اصل چئلينج هن وقت سامهون ايندو جڏهن پاڻي لهڻ کانپوءِ تباهيءَ جا آثار ۽ ڍانچي جاتي نقصانن وڌيڪ واضح ٿيندا. ٻنهي ڌُرين ٻوڏ جي نتيجي ۾ پاڪستان ۾ غذائي تحفظ تي پوندڙ اثرن تي پڻ تفصيلي ڳالهه ٻولهه ڪئي. ان سلسلي ۾ خوراڪ جي ضابطن، واپاري موقعن ۽ جي ايم او ٻجن جي استعمال ذريعي زرعي پيداوار ۾ بهتري آڻڻ جا امڪانن تي غور ڪيو ويو. ڊاڪٽر مصدق ملڪ وڌيڪ ٻُڌايو ته وزارت ماحولياتي تحفظ ايجنسي جي عمل کي ڊجيٽلائيزيشن ڪرڻ تي ڪم ڪري رهي آهي ته جيئن شفافيت کي يقيني بڻائي سگهجي، ريگيوليٽري معاملن ۾ بهتري آڻي سگهجي ۽ ڪارڪردگي ۾ واڌ ٿئي. ٻنهي ڌُرين ان ڳالهه تي اتفاق ڪيو ته موسمياتي لچڪ، غذائي تحفظ ۽ جٽادار ترقيءَ جي شعبن ۾ گڏيل تعاون کي وڌيڪ هٿي وٺرائڻ لاءِ اثرائتا قدم کنيا پي اوڃن ۽ پاڪستان ۽ ڪئنيڊا وچ ۾ ٻه طرفن ناتن کي وڌيڪ مستحڪم بنائڻ تي ڪم ڪيو پيو وڃي.












