اسلام آباد-10 سيپٽمبر (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني چيو آهي ته نئين نسل کي سيرت النبيﷺ کان روشناس ڪرائڻ وقت جي اهم ضروري آهي، عدل، مساوات ۽ اخوت تي ٻَڌل نظام ئي هڪ خوشحال معاشري جي ضمانت آهي. اهڙو اظهار هن جناح ڪنوينشن سينٽر ۾ دعوت اسلامي جي انتظام هيٺ رٿيل ميلاد النبي ڪانفرنس جي پروقار تقريب ۾ خاص مهمان جي حيثيت سان خطاب ڪندي ڪيو. …
نئين نسل کي سيرت النبيﷺ کان روشناس ڪرائڻ وقت جي اهم ضروري آهي: سيد يوسف رضا گيلاني
اسلام آباد-10 سيپٽمبر (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني چيو آهي ته نئين نسل کي سيرت النبيﷺ کان روشناس ڪرائڻ وقت جي اهم ضروري آهي، عدل، مساوات ۽ اخوت تي ٻَڌل نظام ئي هڪ خوشحال معاشري جي ضمانت آهي. اهڙو اظهار هن جناح ڪنوينشن سينٽر ۾ دعوت اسلامي جي انتظام هيٺ رٿيل ميلاد النبي ڪانفرنس جي پروقار تقريب ۾ خاص مهمان جي حيثيت سان خطاب ڪندي ڪيو. ان موقعي تي هن مسلم اُمت کي عيد ميلاد النبيﷺ جون مبارڪون پيش ڪندي چيو ته نبي ڪريمﷺ جي ولادت پوري انسانيت لاءِ رحمت، برڪت ۽ نجات جو پيغام آهي. سينيٽ چيئرمين چيو ته مسلم اُمت جي مسئلن جو حقيقي ۽ جٽادار حل صرف ۽ صرف سيرت طيبهﷺ تي عمل ڪرڻ سان ئي آهي. ميلاد النبيﷺ جو پيغام اتحاد، ڀائيچاري، مساوات ۽ امن جو آهي جنهن تي عمل ڪري اسان هڪ پُرامن ۽ خوشحال معاشري جو بنياد رکي سگهون ٿا. هن چيو ته اسان کي پنهنجي انفرادي ۽ اجتماعي زندگين کي نبي اڪرمﷺ جي سيرت اختيار ڪرڻي پوندي، ميلاد النبيﷺ جي موقعي تي اسان کي غريبن، يتيمن ۽ مستحقن کي ضرور ياد رکڻ گهرجي ته جيئن معاشرتي انصاف ۽ همدرديءَ جو عملي مظاهرو ڪري سگهجي. سيد يوسف رضا گيلاني دُعا ڪئي ته الله تبارڪ و تعاليٰ پاڪستان کي امن ۽ خوشحاليءَ جو گهوارو بڻائي. هن ميلاد النبيﷺ ڪانفرنس جي شاندار بندوبست ڪرڻ تي دعوت اسلامي جي انتظاميه کي مبارڪون پڻ پيش ڪيون ۽ چيو ته اهڙيءَ طرح ديني اجتماع منعقد ڪرڻ سان اسان جي ايمان کي تازگي ملي ٿي ۽ اسان کي حضور اڪرمﷺ جي تعليمات تي عمل ڪرڻ طرف راغب ڪري ٿو.












